ٺٽي ۾ صحافي پيرل پياسي جي آزادي لاءِ ۽ پوليس خلاف احتجاج

ايڇ يو جي ۽ ايوان صحافت جي گڏيل سڏ تي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

ٺٽي ۾ صحافي پيرل پياسي جي آزادي لاءِ ۽ پوليس خلاف احتجاج

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس (HUJ) يونٽ ضلعو ٺٽو، عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۽ ايوانِ صحافت ضلعو ٺٽو جي گڏيل سڏ تي صحافي عبدالله چانڊيو سان مبينا پوليس تشدد ۽ پريس ڪلب غلام الله جي صدر پيرل پياسي خلاف داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس خلاف عوامي پريس ڪلب ٺٽو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان کان اڳ عوامي پريس ڪلب ٺٽو کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران شرڪت ڪندڙن پوليس گردي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جن تي "صحافين خلاف دهشتگردي بند ڪريو"، "عبدالله چانڊيو سان پوليس گردي مرده باد"، "پيرل پياسي تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو" ۽ "صحافين تي انتقامي ڪارروايون بند ڪريو" جا نعرا درج هئا. بعد ۾ ريلي احتجاجي مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن کي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ضلعو ٺٽو جي صدر شبير ڀٽي، جنرل سيڪريٽري بلاول سمون، نائب صدر علي اڪبر دلواڻي، پريس ڪلب مڪلي جي صدر شيراز واريو، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عبدالله جاکرو، جمعيت علماءِ اسلام ضلعو ٺٽو جي جنرل سيڪريٽري مولانا سليم عاطف چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو. مقررین پنهنجي خطاب ۾ چيو ته صحافين کي ڌمڪائڻ، هراسان ڪرڻ ۽ حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ پراڻي ريت رھي آهي، پر شهيد نصرالله گڏاڻي، امتياز مير ۽ ٻين بيباڪ صحافين هميشه مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو، تنهن ڪري صحافتي برادري ھن وقت به هر قسم جي دٻاءَ باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. هنن الزام هنيو ته صحافي عبدالله چانڊيو سان انصاف ٿيڻ بدران پريس ڪلب غلام الله جي صدر پيرل پياسي کي کنڀي مبينا طور سي آءِ اي سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ مٿس 510 گرام آئس منشيات رکڻ جو مبينا ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ويو. مقررین جو چوڻ هو ته پيرل پياسي موجب حراست دوران ساڻس غير مناسب ورتاءُ پڻ ڪيو ويو. خطاب ڪندڙ اڳواڻن الزام هنيو ته جڏهن صحافي ضلعي اندر منشيات ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين بابت رپورٽنگ ڪن ٿا ته کين انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هنن صحافين خلاف ٿيندڙ زيادتين جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته پيرل پياسي تي تشدد ۽ ڪيس ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، ۽ پيرل پياسي کي آزاد ڪيو وڃي ۽ صحافي عبدالله چانڊيو سان پيش آيل واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. مقررین جو چوڻ هو ته موجوده ايس ايس پي ٺٽو جي مقرري کان پوءِ ضلعي ۾ عوام، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن سان گڏ صحافين خلاف به غير قانوني ڪارروائيون وڌي ويون آهن، تنهن ڪري ايس ايس پي ٺٽو کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ ضلعي ۾ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائي وڃي. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي صحافي پيرل پياسي تان داخل ڪيل مبينا ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي، جڏهن ته صحافي عبدالله چانڊيو سان انصاف ڪندي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. مظاهرين "ايس ايس پي هٽايو، ٺٽو بچايو"، "سي آءِ اي انچارج هٽايو، ضلعو بچايو" ۽ "آزاد صحافت زنده آباد" جا نعرا هنيا. ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن مطالبن تي فوري عمل نه ڪيو ويو ته 23 جون کان پريس ڪلب ٺٽو آڏو ضلعي جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي تنظيمن سان گڏ بک هڙتال ڪئي ويندي.