English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي لاڙڪاڻي پاران موهن جو دڙو ۾ بسپ سينٽر تي فوت ٿيل ٻارڙي واري واقعي جو نوٽيس
views
|
21st Jun 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي سي پاران واقعي جي جاچ جو حڪم، اي سي ڏوڪري فوتي ٻارڙي جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي
ڏوڪري )رپورٽر) موهن جو دڙو جي امدادي سينٽرن تي عورتن جي رش، سهولتون اڻلڀ، رقم مان ڪٽوتيون، گرمي وگهي معصوم ٻارڙي جي فوتگي واري معاملي جو ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فوتي ٻارڙي جي وارثن وٽ پهچي ويو، انصاف جي خاطري، مالي مدد ڪئي وئي تفصيل موجب ڏوڪري جي امدادي سينٽرن تي عورتن جي رش رهي ٿي جتي ٿڌي پاڻي ۽ ڇانو ۾ ويهڻ جون سهولتون اڻلڀ آهن ايجنٽ مافيا سرگرم آهي رقم مان ڪٽوتيون جاري آهن هوڏانهن گرمي وگهي معصوم ٻارڙي جي فوتگي واري معاملي جو ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فوتي معصوم ٻارڙي جي وارثن وٽ پهچي ويو، انصاف جي خاطري ڪرائي ۽ مالي مدد ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾ ڏوڪري موهن جو دڙو جا امدادي سينٽر مستحق عورتن لاءِ سهولت گهر بدران عذاب گهر بڻجي ويا، سهولتون اڻلڀ آهن ، عورتن جي تذليل روز جو معمول بڻيل آهي ، امداد بدران ڌڪا ڏنا وڃن ٿا ايجنٽ مافيا سرگرم آهي مستحق عورتن جي امدادي رقم مان هڪ هزار کان 15 سو روپيا ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ايجنٽ مافيا، ٺيڪيدارن، سينٽر انتظاميا پوليس جا حصا پتيون مقرر آهن هوڏانهن مستحق عورتن ريحانه سولنگي، شريفان ممڻاڻي، نصرت چوهاڻ ۽ ٻين عورتن نمائندن کي دانهيندي ٻڌايو ته ڏوڪري جا امدادي سينٽر عذاب گهر بڻيل آهن ايجنٽ مافيا سرگرم آهي، سينٽر انتظاميا بئنڪ انتظاميا، پوليس، ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان عورتن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي رقم مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ڊوائيز هولڊر عامر علي ، محمد خان خاصخيلي، شبير جهتيال، نياز ابڙو، محبوب جلباڻي، صدام حسين، خان ڍڪن ۽ ٻيا امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته امدادي رقم 9000 هزار مان هزار کان 2 هزار ڪٽوتي ڪن ٿا هنن چيو ته سينٽرن جو جن ماڻهن کي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي انهن مان اڪثريت اهڙن جي آهي جيڪي پاڻ ماضي ۾ ايجنٽ رهيا آهن اهڙا ماڻهو ڪهڙي منصفاڻي ورڇ ڪندا؟ هنن وڌيڪ چيو ته مستحق عورتن سان ٿيندڙ ظلم جو هن وقت تائين ڪنهن به ڪو نوٽيس نه ورتو آهي بنا دير معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.هوڏانهن ڊوائيز هولڊرن جو چوڻ هو ته رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جا الزام اجايا آهن هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعيه سيال ٻارڙي جي فوتگي واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي گذريل ڏينهن اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعيه سيال جي حڪم تي گرمي وگهي فوت ٿي ويل معصوم نينگر فيضان علي جي وارثن وٽ ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن تي پهچي ساڻن تعزيت ڪئي مالي مدد پڻ ڪئي وئي ۽ انصاف جي خاطري پڻ ڪرائي آهي. اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فوت ٿي ويل نينگر جي وارثن کان تفصيل ورتا سندس چوڻ هو ته هن ڏک ۾ معصوم ٻارڙي جي وارثن سان برابر جا شريڪ آهيون معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ٻارڙي جي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2025
•
سندھ
دادو میں خلق جی خدمت آرگنائزیشن کی جانب سے محرم الحرام کے موقع پر ٹھنڈے پانی اور شربت کی سبیل سبیل کا اہتمام
01st Jul 2025
•
سندھ
ال میچ میکر ایسوسی ایشن کے چیئرمین سمیع شیخ کا "ہمسفر فورایور لوو" میرج بیورو کے دفتر کا دورہ
01st Jul 2025
•
شوبز
سیان بروک نے ’ہاؤس آف ڈریگن‘ میں مختصر کردار سے ناظرین کو متاثر کر دیا
30th Jun 2025
•
سندھ
بی جی سی گروپ کے سی ای او سید امتیاز الحق بخاری کا آباد کے چیمبر کا دورہ
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ فش هيچري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ رٽائرڊ استاد جو گهرڀاتين سميت بئنڪ عملي خلاف احتجاج
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جسقم جي مرڪزي سڏ تي رزاق آباد ۾ قومي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ گمشدگين خلاف ريلي
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي فخرالنساءَ جون ڪارروائيون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Dokri
mohen jo daro
baqrani
seehar
0 تبصرے