English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
138 views
|
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ڌڻي پرتو ڳوٺ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد جي ڌڻي پرتو ڳوٺ مان مبينا طور سي آءِ اي پوليس اهلڪارن هٿان گرفتار ٿيڻ بعد لاپتا ٿيل پورهيت اصغر مستوئي جي بازيابي لاءِ وڏي انگ ۾ شهرين ڌڻي پرتو ڳوٺ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي مارچ ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪندي اصغر مستوئي جي فوري بازيابي ۽ آزادي جو مطالبو ڪيو احتجاجي ريلي جي اڳواڻي شهزادو مستوئي، محمد رحيم مستوئي، چاڪر خان شر، عامر جتوئي، اڪبر کونهارو، وڪيل جبار سهتو ۽ وڪيل بخت علي لاشاري ڪئي. مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي "اصغر مستوئي کي آزاد ڪيو" سميت انصاف جي حق ۾ نعرا لکيل هئا ان موقعي تي سينيئر صحافي شهزادو مستوئي چيو ته اصغر مستوئي سندس ڀاڻيجو ۽ هڪ غريب پورهيت آهي، جنهن کي بنا ڪنهن قانوني جواز جي گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ مبينا طور وڏي رشوت طلب ڪئي پئي وڃي. ٻين اڳواڻن الزام هنيو ته پوليس ۽ ان جي مخبرن جي انتقامي ۽ ڪوڙي نشاندهي سبب سندن زندگي عذاب بڻجي وئي آهي مقررن چيو ته جيڪڏهن اصغر مستوئي ڪنهن قانوني ڪاروائي تحت پوليس جي تحويل ۾ آهي ته کيس فوري طور عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، سندس وارثن کي سندس خيريت بابت آگاهه ڪيو وڃي ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن. جيڪڏهن مبينا گرفتاري بابت خبرون درست آهن ته لاڳاپيل اختيارين کي فوري جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻڻ گهرجن.مظاهرو ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اصغر مستوئي کي بنا دير بازياب ڪرايو وڃي، سندس وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهلڪار اختيارن کان تجاوز ڪيو آهي ته ان خلاف قانون موجب سخت ۽ بنا امتياز ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته "انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار جي برابر آهي" ۽ رياست جي ذميواري آهي ته هر شهري جي آئيني ۽ قانوني حقن جو تحفظ يقيني بڻائي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت
0 تبصرے