English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: يوسي چوڪنڊي ۾ 100 هندو خاندانن ۾ سولر سسٽم ورهايو ويو
92 views
|
08th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
يوسي چوڪنڊي ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي: عبدالرشيد پنهور
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يوسي چوڪنڊي جي چيئرمين عبدالرشيد پنهور پاران حسن پنهور ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ سئو مارواڙي ھندو خاندانن ۾ سولر سسٽم ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ اقليتي ڪائونسلر پپو مڪوانا، هندو مارواڙي برادري جي معززين، سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ مستحق خاندان کي سولر پيڪيج فراهم ڪيو ويو جنهن ۾ سولر پليٽون، بيٽري، پنکا، ايل اي ڊي بلب ۽ گهرن ۾ بجلي جي بنيادي ضرورتن لاءِ گهربل سامان شامل هو علائقي واسين ان قدم کي بجلي جي بحران جي دور ۾ غريب خاندانن لاءِ وڏي سهولت قرار ڏيندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جا ٿورا مڃياان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي يوسي چوڪنڊي جي چيئرمين عبدالرشيد پنهور چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عوام دوست سوچ ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي خاص دلچسپي سبب يوسي چوڪنڊي ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هر گهر تائين بنيادي سهولتون پهچايون وڃن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته يوسي چوڪنڊي ۾ پورهيت ۽ گهٽ آمدني وارن خاندانن لاءِ هڪ سئو گهرن جي تعمير، صاف پيئڻ جي پاڻي لاءِ آر او پلانٽ، پاڻي ۽ نيڪال جي نظام جي بهتري، روڊن ۽ گهٽين جي تعمير ۽ مرمت، پارڪن جي بحالي ۽ ٻين فلاحي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي هن چيو ته اهي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان علائقي واسين کي بهتر شهري سهولتون ميسر اينديون ۽ سندن زندگيءَ جو معيار وڌيڪ بهتر ٿيندو عبدالرشيد پنهور چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي بنا ڪنهن مذهبي، لساني يا ذاتي فرق جي هر شهري جي خدمت تي يقين رکي ٿي. اقليتي برادري جي ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ به اهڙا فلاحي منصوبا جاري رهندا، جڏهن ته يوسي چوڪنڊي جي هر وارڊ ۾ عوامي ضرورتن موجب ترقياتي ڪم ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا ويندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: يوسي چوڪنڊي ۾ 100 هندو خاندانن
0 تبصرے