English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
الائنس فرانسيز ڪراچي جي وفد پاران سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو دورو، تعارفي گڏجاڻي
104 views
|
08th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪراچي (رپورٽ): الائنس فرانسيز ڪراچي جي ڊائريڪٽر ايمانوئل بريوريڪ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد اقبال ڀملا سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو، جتي هنن اداري جي سينيئر مئنيجمينٽ سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي.گڏجاڻي جي صدارت سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر گهنور علي لغاري ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر شاهپارا رضوي، ڊائريڪٽر فنانس الطاف آزاد علي، ڊائريڪٽر پروگرامز اينڊ پلاننگ نثار ٻانڀڻ، ڊائريڪٽر هيومن ريسورسز مبشر مرزا، ڊپٽي ڊائريڪٽرز ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ۽ ريجنل هيڊز آن لائن گڏجاڻي ۾ شامل ٿيا. سينيئر صحافي ايم. ايم. عالم پڻ موجود هو.ان موقعي تي مينيجنگ ڊائريڪٽر گهنور علي لغاري وفد کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي قيام، ڪارڪردگي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل، مختلف تعليمي پروگرامن ۽ صوبي جي پٺتي پيل علائقن تائين معياري تعليم پهچائڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. وفد کي اداري جي تعليمي پورٽ فوليو ۽ جاري منصوبن بابت تفصيلي پريزنٽيشن پڻ ڏني وئي.وفد سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعليمي ماڊل ۽ خدمتن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، جڏهن ته ٻنهي ادارن جي نمائندن تعليم، اداري جي تجربن ۽ مستقبل ۾ رابطڪاري تي پڻ غور ويچار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
چیف آف ڈیفنس فورسز کے اختیارات سے متعلق پاکستان ڈیفنس فورسز ایکٹ 2026ء میں ترامیم قومی اسمبلی اور سینیٹ سے منظور

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
الائنس فرانسيز ڪراچي جي وفد پاران
0 تبصرے