English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي تقريب، جاويد مهر کي ايوارڊ ڏنو ويو
47 views
|
03rd May 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب دوران جاکوڙي صحافي جاويد مهر کي آجياڻي ڏيندي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ آزادي صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي نالي واري جاکوڙي صحافي جاويد مهر کي شاندار خراجِ تحسين پيش ڪندي کيس آجياڻو ڏنو ويو۔ تقريب عوامي پريس ڪلب ملير طرفان ڪئي وئي، جنهن ۾ صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي جاويد مهر کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا جڏهن ته سندس صحافتي خدمتن جي اعتراف ۾ پريس ڪلب طرفان کيس لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو۔تقريب کي خطاب ڪندي جاويد مهر چيو ته صحافت سچ ۽ حق جي آواز کي اجاگر ڪرڻ جو نالو آهي، ۽ صحافي هر دور ۾ ڏکين حالتن باوجود پنهنجون ذميواريون نڀائيندا رهيا آهن۔ هن چيو ته صحافت ۾ ايمانداري ۽ بيباڪي ئي اصل سڃاڻپ آهي۔سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ راشد لکمير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته صحافت ۽ ادب سماج جي سڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ۽ سچ ڳالهائڻ وارا هميشه تاريخ ۾ زندهه رهندا آهن۔ڪراچي يونين آف جرنلسٽس ورڪرز جي فواد محمود چيو ته صحافين کي درپيش خطرن باوجود هو پنهنجي پيشورانه ذميوارين کي بهادري سان نڀائي رهيا آهن، ۽ آزادي صحافت لاءِ گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي سينيئر صحافي وحيد سيال چيو ته صحافت جمهوريت جو اهم ٿنڀ آهي، ۽ آزادي صحافت کان سواءِ سماج جي ترقي ممڪن ناهي۔عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سجاد علي شاه چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير هميشه صحافين جي ڀلائي ۽ صحافتي قدرن جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو۔سياسي اڳواڻ مير عباس پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جاويد مهر جهڙا جاکوڙي صحافي نوجوانن لاءِ هڪ مثال آهن،جيڪي سچ جي راهه ۾ ڪنهن به دٻاءَ کي قبول نٿا ڪن۔مقررین پاڪستان سميت سڄي دنيا جي بهادر صحافين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته آزادي صحافت جمهوريت جي بقا لاءِ انتهائي اهم آهي، ۽ اهڙيون تقريبون صحافين جي حوصلا افزائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون ان موقعي تي ايڊوڪيٽ نصراللہ جلباڻي، مجرب سنڌي، رجب علي ڀنڊ امداد چاچڙ، عرفان عباسي، غلام نبي مگسي، ظهير ميمڻ، ۽ ٻين خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
صحافي جاويد مهر کي آجياڻي ڏيندي لائيف
0 تبصرے