ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون ويون، ٺٽو، ملير، ڪنڌڪوٽ، راڻيپور، نواب ولي محمد، ڏيپلو، کپرو، ڪيٽي بندر، مدئجي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ۽ تقريبون، ملير ۾ آپريشن بنيان المرصوص کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري جي انتظام هيٺ عوامي پريس ڪلب ملير کان ٽائون آفيس تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ٽائون ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ ڪري رهيو هو ريلي ۾ چونڊيل بلدياتي نمائندن، علائقي واسين، سماجي شخصيتن، نوجوانن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بينر هئا، جڏهن ته “پاڪستان زنده باد” ۽ “پاڪ فوج زنده باد” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي پنهنجي قومي جذبي جو اظهار ڪيو ويو۔ان موقعي تي ٽائون ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معرڪہ حق “بنيان المرصوص” پاڪستان جي تاريخ جو اهم باب آهي، جنهن قوم کي اتحاد، قرباني ۽ حب الوطني جو درس ڏنو آهي هن چيو ته پاڪ فوج هميشه ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج تي فخر ڪري ٿي هن وڌيڪ چيو ته اڄ جي هي ريلي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ دشمن عنصرن جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو۔ سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ قومي اتحاد انتهائي ضروري آهي ۽ نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي مسرور نواز خشڪ چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ مضبوط ملڪ آهي ۽ هر شهري جو فرض آهي ته هو ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري۔ هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته قوم هميشه پنهنجي فوج سان گڏ رهي ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ متحد رهندي، هوڏانهن ٺٽي ۾ پاڪستان زندہ باد موومينٽ جي چيئرمين سيد الطاف حسين شاه پاران “جشنِ معرڪہ حق” جي حوالي سان پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڊي وئي پاڪ فوج ۽ قوم کي مبارڪون پيش ڪيون ويون۔ پاڪستان زنده باد جي چيئرمين سيد الطاف حسين شاه شيرازي پاران معرڪه حق کي سال مڪمل ٿيڻ تي ريلي ڪڊي وئي اڳواڻي سيد الطاف شاھ شيرازي،زورہ جاکھرو.التمش شاھ سيد امير شاھ، اظھر بروهي، عبدالمنان پٺاڻ، شام لال، خالد حسين پٺاڻ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ پاڪ فوج ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ هميشہ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آھي. ھنن چيو تہ جشنِ معرڪہ حق جو مقصد ملڪ دشمن قوتن کي واضح پيغام ڏيڻ آهي تہ پاڪستاني قوم پنهنجي فوج سان مڪمل يڪجهتي رکي ٿي سيد الطاف حسين شاه شيرازي خطاب ۾ چيو ته آئون تمام پاڪستان جي ادارن ۽ پاڪ فوج ۽ قوم کي معرڪه حق کي سال مڪمل ٿيڻ جون مبارڪون پيش ڪريان ٿو اسان جي پاڪ فوج جا سپاھي آھن جيڪا قوم ۽ ملڪ جي حفاظت خاطر پنھنجي جانين جو نظرنو پيش ڪن ٿا پاڪ فوج جي جوانن معرڪه حق ۾ دشمن ملڪ بھارت کي اھڙو جواب ڏنو جنھن جي خبر بھارت جي ٻچي ٻچي کي خبر آھ منھنجي طرفان پاڪ فوج ۽ قوم کي معرڪه حق کي سال مڪمل ٿيڻ جون مبارڪون پيش ڪريان ٿو ان ريلي جو اھو مقصد آھي قوم پاڪ فوج سان يڪجھتي ڪري ٿي ۽ قوم پاڪ فوج سان گڏ آھي۔ ٻي طرف گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري ۽ گورنمينٽ بوائز مين پرائمري اسڪول نواب ولي محمد جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران پاڪستان آرمي جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ڳالهائيندي چيو ته هندستان پاران پهلگام حملي کي بنياد بڻائي 4 مئي کان 9 مئي 2025 تائين پاڪستان جي مختلف هنڌن تي تي 26 ميزائل ڪيرايا پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان ايئر فورس پنهنجي مربوط نظام سان هندستان جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ هنن جو ريڊار سسٽم ناڪام ڪيو ۽ هنن جي ميزائلن کي ناڪام بڻائي پوري دنيا ۾ مارڪ حق جو نشان لڳائي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو ۽ انهي سلسلي ۾ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري ۽ گورنمينٽ بوائز مين پرائمري اسڪول نواب ولي محمد پاران ھيءَ ريلي ڪڍي وئي آهي. ڏيپلي ۾ قومي امن ڪائونسل، ڊفينڊر آف پاڪستان آرگنائيزيشن ۽ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران الڳ الڳ ريليون، پاڪ فوج جي حق ۾ پاڪستان چوڪ کان پريس ڪلب تائين شاندار ريلي . پاڪ فوج زنده آباد، پاڪستان زنده آباد، پاڪ آء ايس آء زنده آباد جا نعره.، حاجي عبدالله جو چوڻ هو ته گذريل سال 5مئي تي ڀارت پنهنجن ناپاڪ ارادن سان پاڪستان تي حملو ڪيو جنهن جي جواب ۾ پاڪستان جي جوانن جلد ڪاروائي ڪندي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيئي جهڪائي ڇڏيو. اڄ اسان جي جيت کي سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي انهن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. اسان پنهنجي ملڪ ۾ سڪون جي ننڊ سمون ٿا انهي ڪري جو اسان جا جوان بارڊر تي اسان جا محافظ بڻجي بيٺل آهن. ٻي طرف کپرو ۾ معرڪه حق ريلي هاء اسڪول کپرو کان شهيد چوڪ تائين ڪڍي ويئي پاڪ فوج جي حق ۾ نڪتل ريلي شهر جو گشٿ ڪندي شهيد چوڪ کپرو تي پهتي جتي ٽي ايم او کپرو ياسين سرڪي ڊي اي او تعليم کپرو هاء اسڪول کپرو جي هيڊ ماستر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي فوج کي اسان سرخ سلام پيش ڪريو ٿا جنهن دشمن ملڪن تي هميشه سوڀ حاصل ڪري ملڪ جو دنيان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي پاڪ فوج جي ڪري اسين اڄ آزاد فضائن ۾ رهون ٿا اسان جي فوج ملڪ جي سرحد تي رهي اسان جي حفاظت ڪري ٿي اسان پاڪ فوج کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ڏيپلي ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀڳوان داس،مختيارڪار لياقت راجپوت، جي اڳواڻي ۾ 'معرقه حق ريلي ' ڪڍي ويئي. پاڪ فوج زنده آباد، پاڪ آء ايس آء زنده آباد، پاڪستان زنده آباد جا نعره ھڻندي پريس ڪلب پھتا، مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل سال ڀارت پاڪستان تي حملا ڪيا، جنهن جي جواب ۾ پاڪ آرمي معرقه حق ادا ڪري انهن کي جواب ڏنو جنهن سان پاڪ آرمي پنهنجو مورال بلند ڪندي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، اڄ اسان پاڪ آرمي سان رڳو يڪجهتي نه بلڪ ڪلهو ڪلهي سان ملئي بيٺا آھيون، سموري دنيا ۾ اسان جي آرمي بهادر ۽ مڃيل آهي،پاڪ آرمي دشمن ملڪ کي پنھنجي بهادري سان جواب ڏنو، پاڪ آرمي ۽ شھيد ٿيل جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. ريلي ۾ گورنمينٽ قاضي علي محمد ھاء اسڪول جي ھيڊ ماستر ذوالفقار نهڙي، ڊگري ڪاليج جي پرنسيپال حفيظ الله نھڙي، تعلقه اسپتال ڏيپلو ايم ايس تاراچند مهراج پڻ مختلف ادارن جي عملي ۽ اسڪولي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.راڻيپور ۾ پاڪ فوج پاران معرقه حق جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج حمايت ۾ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول راڻيپور جي شاگردياڻين پنهجي ٽيچرس سان گڏجي ريلي ڪڍي، جنهن جي اڳواڻي ٽي اي او في ميل استاد بختيار احمد چنا ميڊم ذڪيه ميمڻ برڪت احمد بشتي ڪري رهيا هيا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هندستان پاران پهلگام حملي کي بنياد بڻائي 4 مئي کان 9 مئي 2025 تائين پاڪستان جي مختلف هنڌن تي تي 26 ميزائل ڪيرايا پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان ايئر فورس پنهنجي مربوط نظام سان هندستان جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ هنن جو ريڊار سسٽم ناڪام ڪيو پاڪستان جي فوج پوري دنيا ۾ مارڪ حق جو نشان لڳائي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو پاڪستان جي فوج کي اسان سرخ سلام پيش ڪريون ٿا جنهن دشمن ملڪ کي سبق سيکاريو پاڪ فوج جي ڪري اسين اڄ آزاد فضائن ۾ رهون ٿا اسان جي فوج ملڪ جي سرحد تي رهي اسان جي حفاظت ڪري ٿي اسان پاڪ فوج کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ڪيٽي بندر ۾ ڊگري ڪاليج ڳاڙھو جي استادن ۽ شاگردن طرفان معرڪہ حق ريلي ڪڍي وئي . پاڪ فوج جي حق ۾ نڪندڙ ريلي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڳاڙھو کان شھر جي مئين چوڪ تي پھتي . جتي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڳاڙھو جي پرنسپال امجد حسين جوکيو ۽ ٻين استادن پاڪ فوج کي سلام پيش ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ پاڪستان جي فوج ھڪ بھادر فوج آھي . جنھن ھميشه پاڪستان جي دشمن سان جنگ ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي . ھنن چيو ته پاڪستان اسان جي دشمن ملڪ ھندستان کي بہ ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا ء ھڪ ڏينھن ۾ ھندستان جي فوج جي ناپاڪ ارادن کي مٺيءَ ۾ ملائي ڇڏيو . اڄ پاڪ فوج جو شمار دنيا جي بھادر فوج ۾ شمار ٿئي ٿو.
0 تبصرے