English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ حور النساءَ پليجو جي پهرين ورسي ملهائي وئي
180 views
|
17th May 2026
•
سنڌي خبرون
حور النساءَ پليجو جي آخري آرامگاھ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ سندس ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر، عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي جي ڀيڻ حورالنساءِ پليجي جي پهرين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي قيادت سندس ڳوٺ منگر خان پليجي ۾ آخري آرمگاه تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي کيس سلامي ڏني، قومي ۽ انقلابي گيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي سوشل میڊيا سيڪريٽري اظهار دائودپوٽو، مرڪزي تعليمي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، نور نبي پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي مڱڻهار، سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي صدر خالق گندرو، سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري درياه خان زنور، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جو صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، گھنور زنور، حورالنساءِ پليجي جي نياڻي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر شبنم پليجو، مسرت پليجو، پٽ سلطان، ڊاڪٽر نعيم پليجو ۽ ايس ايس ٽي جي اڳواڻ غلام علي زنور ۽ ٻيا ڪارڪن موجود هئا. ورسي تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سينئير اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، ڊاڪٽر شبنم پليجو، ڊاڪٽر نعيم پليجي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حور النساءِ پليجو ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي کان ويندي مظلوم پورهيت عوام جي حقن لاءِ زبردست جدوجھد ڪئي. حور النساءِ پليجو سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽفارم تان سنڌي عورتن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. حور النساءِ پليجو سنڌي عورتن لاءِ اتساھ ۽ جدوجھد جي علامت آهي. هنن چيو ته ملڪ ۾ هينئر نام نهاد جهموريت آهي. پاڪستان کي غير جمهوري قوتن حوالي ڪيو ويو آهي. ملڪ جي مظلوم قومن جا وسيلا ۽ ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ قانونسازي ٿي رهي آهي. پيپلز پارٽي هر ڪڌي ڪم ۾ ملڪ دشمن قوتن جي ساٿاري بڻيل آهي. 28هين آئيني ترميم وسيلي صوبائي خودمختياري ختم ڪئي ويندي. ملڪ جي موجوده سرڪار ملڪ کي ڪمزور ڪري رهي آهي. هنن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ شديد پاڻي کوٽ ھجڻ باوجود چشما جهلم ۽ تونسا پنجند ڌاڙيل واھ کوليا ويا آهن. پنجاب ڏيڍ صدي کان به وڏي عرصي کان سنڌ جي پاڻي تي قابض آهي. هن وقت ملڪ کي شديد خطري هيٺ آندو ويو آهي. عدليه مفلوج بڻائي وئي آهي. ملڪ مڪمل طور تي غير جمهوري قوتن جي هٿن ۾ آهي. ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي. ملڪ ۾ هن وقت حقيقي جمهوريت جي بحالي ۽ قومن جي وسيلن تي قبضن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حور النساءَ پليجو جي آخري
ھ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ سندس
سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ
0 تبصرے