English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
77 views
|
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)گجو ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڪاتيار جي رهواسڻ سڪينه زال گلشير ڪاتيار پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪي ڊي واهه ڏانهن ويندي قومي شاهراهه پار ڪرڻ دوران تيز رفتار اي سي ڪوچ جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پئي. کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. تفصيل موجب ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ڊگهي عرصي کان بند هجڻ سبب عورتون روزانو قومي شاهراهه پار ڪري ڪي ڊي واهه تان پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون. مقامي رهواسين موجب پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ سبب عورتون ۽ ٻار روزانو جان جوکي ۾ وجهي شاهراهه پار ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري هن هنڌ اڳ به ڪيترائي حادثا پيش اچي چڪا آهن. حادثي کانپوءِ مشتعل ڳوٺاڻن اي سي ڪوچ جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ ڊرائيور تي به سخت تشدد ڪيو، جنهن سبب هو مرڻينگ ٿي پيو. گجو پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ڊرائيور کي مشتعل ماڻهن کان بچائي چوڪي تي منتقل ڪيو، جتان سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب اسپتال روانو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪوچ جي ڪلينر کي پڻ پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ذريعن موجب، واقعي دوران ڪجهه شرپسند ماڻهن موقعي مان ناجائز فائدو وٺندي ڪوچ ۾ پيل مسافرن جي سامان کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. واقعي خلاف مشتعل ڳوٺاڻن ڪراچي–ٺٽو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، جنهن سبب سوين گاڏيون ڦاسي ويون ۽ ٻنهي پاسن ڊگهيون قطارون لڳي ويون. احتجاج لڳ ڀڳ چار ڪلاڪن تائين جاري رهيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ بند هجڻ سبب عورتون ۽ ٻار روزانو قومي شاهراهه پار ڪري پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ساڳئي مجبوري سبب ڪيترائي قيمتي جاني نقصان اڳ به ٿي چڪا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته واٽر سپلاءِ اسڪيم فوري طور بحال ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن المناڪ حادثن کان بچي سگهجي. احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي واقعي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پبلڪ هيلٿ ٺٽو جي انجنيئر نقاش پليجو کي پڻ موقعي تي گهرايو، جنهن ڳوٺ جي پاڻي واري مسئلي کي جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. تنهن هوندي به ڳوٺاڻن شروعاتي طور شاهراهه کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ سماجي اڳواڻ سرور شاهه ڀاڏائي ۽ درگاهه شيخ حاجي ترابي جي گادي نشين غلام حسين نانا شيخ ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن واٽر سپلاءِ جو مسئلو جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ان کانپوءِ ڳوٺاڻن ڌرڻو ختم ڪري قومي شاهراهه ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏي. مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڳوٺ کان ٿوري ئي مفاصلي تي پاڻي ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي، پر گجو ڀرسان ڪيترائي ڳوٺ اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، جنهن ڪري عورتون روزانو مصروف قومي شاهراهه پار ڪري پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته متاثر ڳوٺن جي واٽر سپلاءِ فوري بحال ڪري انساني جانين جي وڌيڪ نقصان کي روڪيو وڃي ۽ ذميوار ادارا مستقل بنيادن تي اهڙا قدم کڻن، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به بيگناهه کي پاڻي جي هڪ گهڙي لاءِ پنهنجي جان نه وڃائڻي پوي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾
0 تبصرے