ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي سنڌ جي عوام جو شڪريو مڃڻ گھرجي جنھن پاڪستان جي قيام. وقت کين پناھ ڏني: سسئي پليجو

ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي سنڌ جي عوام جو شڪريو مڃڻ گھرجي جنھن پاڪستان جي قيام. وقت کين پناھ ڏني: سسئي پليجو

ٺٽو(ڊر) اڳوڻي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آھي تہ خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار ھڪٻئي جا اصلي دشمن آھن پر آقائن جي حڪم تي سنڌ کي ورھائڻ جي سازش ڪري رھيا آھن، جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ٺٽي ۾. صحافين سان ڳالھائيندي اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو تہ ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي سنڌ جي عوام جو شڪريو مڃڻ گھرجي جنھن پاڪستان جي قيام. وقت کين پناھ ڏني ۽ سندن ھر ڏک سک ۾ ساٿي رھيا، دلين ۾ جايون ڏنيون. ھن چيو تہ اسان سڀني اردو ڳالھائيندڙن جي ڳالھ نٿا ڪريون پر ايم ڪيو ايم ۾ شامل زھريلن ماڻھن ۽ مافيائن تي ڳالھائينداسين جيڪي سنڌ کي ورھائڻ جو خواب ڏسي رھيا آھن، جيڪو سندن خواب ڪڏھن بہ پورو نہ ٿيندو، اسان پنھنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا. ھن چيو تہ ھر مافيائون اسرائيل واري ٻولي ڳالھائي رھيون آھن ايم ڪيو ايم کي خبر آھي تہ ڪھڙي طرح اقتدار ۾ آئي آھي جيڪا پارٽي 50 ووٽ حاصل نہ ڪري سگھندي ھئي غنڊہ گردي سان ووٽ حاصل ڪري ايوانن ۾ پھتا آھن پر ڏسڻو پوندو تہ فارم 47 تي ڪوڙ، مڪاري، جبر جي بيٺل ھي نظام ڪيتري وقت تائين ھلي سگھندي، ھي سڀ جيڪي سنڌ جي ورھاڱي جي ڳالھ ڪري رھيا آھن اھي سڀ اڻ ڏٺل خطرناڪ کڏي ۾ ڪرڻ وارا آھن. ھن چيو تہ سنڌ پاڪستان جو صرف صوبو نہ پر خطي جي قديم ترين سنڌو تھذيب جو گھوارو ۽ قديم شاھوڪار تمدن ۽ ثقافت جي ڌرتي آھي جنھن جي شناخت ۽ عظمت جي عزت ھر پاڪستاني جو فرض آھي، ايم ڪيو ايم ھجي يا ٻيو ڪو وفاقي وزير جيڪڏھن سنڌ دشمني جي ڳالھ ڪندا تہ اسان بہ عوام جي ڪاوڙ کي روڪي نہ سگھنداسين.