English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو وفد مقتول نصر الله خاصخيلي جي گهر پهتو
333 views
|
27th Jul 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف ڏيارڻ ۾ مقتول جي وارثن سان گڏ آھي: زينت سمون
حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي ھميرا اختر جي اڳواڻي ۾ وفد ڀٽائي ننگر ٿاڻي جي حد ۾ 2 مھينا اڳ گوليون ھڻي قتل ڪيل لوڪل گورنمينٽ جي ملازم نصرالله خاصخيلي جي تڏي تي ڳوٺ ڪرن خان شورو پھچي بيواھ ۽ سندس نياڻين سان تعزيت ڪئي ۽ کين اياز لطيف پليجي پاران انصاف ڏيارڻ لاءِ سھڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي مقتول جي بيواھ چيو تہ منھنجي مڙس کي بيگناھ گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو. پوليس اسان ان انصاف نٿي ڪري. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون چيو تہ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ نوجوان نصرالله خاصخيلي جي قتل جي مذمت ڪري ٿي. اسين آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا تہ نصرالله خاصخيلي جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن. زينت سمون چيو تہ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف ڏيارڻ ۾ مقتول جي وارثن سان گڏ آھي. جيڪڏھن جلد قاتل گرفتار نه ڪيا ويا تہ وارثن سان گڏجي احتجاجي لائحه عمل جوڙيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindhyani tahreek
QAT
qoumi awami tahreek
Ayaz
Latif
Palijo
0 تبصرے