English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سکر ۾ جسقم پاران پريا ڪماري ۽ ٻين معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ پيادل مارچ
24 views
|
03rd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ ڪڏهن به ڀوتارن، جاگيردارن ۽ وزيرن جي اولاد اغوا ناهي ٿي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
سکر: سکر مان اغوا ٿي ويل پريا ڪماري سميت ٻين ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جسقم ۽ سول سوسائٽي طرفان پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس سکر تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، شديد گرمي ۽ نٽهڻ اس ۾ نڪتل پيادل مارچ جي قيادت ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرڪش ناياب، پنهل ساريو، فقير ارشاد منگي، شائستہ کوسو ۽ ٻين ڪئي. ريلي ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرين پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو، معصوم صدام شيخ کي بازياب ڪرايو، معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرايو، سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪريو، سنڌ حڪومت ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ خلاف نعريبازي ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته معصوم پريا ڪماري جي اغوا کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن، پر ڪو تحرڪ ناهي ورتو، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ پريا جي واپسي لاءِ 10 محرم تائين مهلت ورتي هئي جيڪا به مڪمل ٿي وئي آهي پر معصوم پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرايو ويو، آئي جي سنڌ سميت پوليس آفيسرز سياسي هائوسن جي نوڪري سچائي سان ڪندا آهن پر سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهن. ڌاڙيل ڪلچر کي هٿ وٺي مضبوط بڻايو ويو آهي غريبن جي ٻارڙن، مردن ۽ عورتن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، ڪڏهن به ڪنهن وڏيري، جاگيردار، ڀوتار، وفاقي، صوبائي وزيرن جي اولادن کي اغوا ناهي ڪيو ويو. رياست شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهي. ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪٿان ٿا اچن، سنڌ جون سرحدون ڪمزور ڇو آهن، پ پ، سردارن، وڏيرن ۽ پوليس جي ڳٺ جوڙ آهي، 15 سالن کان پ پ سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ختم ڪري ڇڏي آهي. معصوم پريا ڪماري سميت 40 کان وڌيڪ سنڌي اغوا ٿيل آهن. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي غيرموجودگي ڪري سندس طرفان ڊي ايس پي سٽي انور شيخ 20 آگسٽ تائين مهلت ورتي وئي. جنهن جي خاطري تي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪندي اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن پريا ڪماري بازياب نه ٿي ته 21 آگسٽ تي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وقت ۽ حالتن مطابق آئيندا جو لائحه عمل جوڙيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sukkur
JSQM
Pirya
Kumari
0 تبصرے