English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏهرڪي ويجهو ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي انتطاميه خلاف آبادگارن جو احتجاج
views
|
21st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
آبادگارن پاران معاوضو ڏيڻ بدارن پوليس معرفت ڏاڍ جي زور تي زبردستي زمينن مان پائيپ لائين وڇائڻ جي مذمت
ڏهرڪي (نويد چغتائي) ڏهرڪي ويجهو ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي انتطاميه پاران معاوضو ڏيڻ بدارن پوليس معرفت ڏاڍ جي زور تي زبردستي آبادگارن جي زمينن مان پائيپ لائين وڇائڻ خلاف سوين متاثره آبادگارن پاران احتجاجي ريلي متاثره آبادگارن پاران انصاف نه ملڻ تي بک هڙتالي ڪئيمپ قائم، ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان نوٽس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو، ماڙي گيس ڪمپني جي انتطاميه ۽ لينڊ آفيسر انور علي آبادگارن سان ناانصافي جي انتها ڪري ڇڏي آهي جيڪو اسان کي زمينن جو معاوضو ڏيڻ بدران پوليس جي زور تي اسان کي يرغمال بڻائي زبردستي 200 کان مٿي ايراضي مان اسان جا فصل تباه ڪري زبردستي پائيپ لائين وڇائي رهيو آهي (محمد علي شر ۽ ٻيا) خبر موجب ڏهرڪي ويجهو کروهي واري علائقي ۾ ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي انتطاميه پاران آبادگارن کي زمينن مان پائيپ لائين وڇائڻ جو معاوضو ڏيڻ بدران پوليس معرفت ڏاڍ جي زور تي زبردستي آبادگارن جي زمينن مان پائيپ لائين وڇائڻ خلاف سوين متاثره آبادگارن پاران محمد علي شر، لطف ميان شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪمپني پاران پائيپ لائين وڇائڻ واري هنڌ تي بک هڙتالي ڪئيمپ قائم ڪري ڇڏي آهي ان موقعي تي اڳواڻن محمد علي شر، لطف ميان شر ۽ ٻين چيو ته اسان جي کروهي واري علائقي ۾ ماڙي گيس ڪمپني جا سوين کوه آهن جتان روزانو جي بنياد تي لکين ڪروڙين روپين جو تيل ۽ گيس نڪرڻ باوجود گيس ڪمپني جي انتظاميه علائقي واسين کي انڃان تائين تعليم صحت صاف پاڻي،گيس سميت روڊ ۽ رستن جي سهولت فراهم ناهي ڪئي جنهن جي ڪري هتان جو جر خارو ٿيڻ سبب ڳوٺاڻا زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن انهن چيو ته انتظاميه پاران ٻيون سهولتون ته پري پر ماڙي گيس جي انتطاميه اسان جي زمينن مان ٻيهر گيس پائيپ لائين وڇائي رهي آهي جنهن جو معاوضو گهرڻ تي انتظاميه مڇرجي پوليس معرفت اسان جي گهر مٿان فائرنگ ڪري اسان کي ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪرائڻ جو ڌمڪيون ڏئي اسان جي سوين ايڪڙ زمينن مان ڏاڍ جي زور تي زبردستي پائيپ لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي انهن چيو ته ماڙي گيس جي انتطاميه ۽ لينڊ آفيسر انور علي آبادگارن سان ناانصافي جي انتها ڪري ڇڏي آهي جيڪو اسان کي زمينن جو معاوضو ڏيڻ بدران پوليس جي زور تي اسان کي يرغمال بڻائي زبردستي آبادگارن جي 200 کان مٿي ايراضي مان اسان جا فصل تباه ڪري زبردستي پائيپ لائين وڇائي رهيو آهي جن جي ناانصافي خلاف اسان احتجاج ڪري رهيا آهيون انهن ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته ماڙي گيس انتظاميه جي ڏاڍ جو نوٽس وٺي متاثره آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جي شروع ڪيل بک هڙتالي ڪيئمپ انصاف ملڻ تائين جاري رهندي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Daharki
Gas
Protest
Oil
0 تبصرے