English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ايس ٽي پي پاران نينگري فاطمه ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف ريلي
275 views
|
25th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
معصوم فاطمه کي وحشت جو نشانو بڻائيندڙ ۽ سينئر صحافي جي قاتلن کي ڦاهي ٽنگيو وڃي: اڳواڻ
سجاول (گلشيرميربحر) ايس ٽي پي سجاول پاران معصوم فاطمہ ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو۔ سنڌ ترقي پسند پارٽي سجاول پاران مرڪز جي سڏ سجاول ۾ مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي۔ احتجاجي مظاھري کي ايس ٽي پي ضلعي نائب صدر محمد جمن سنڌي، ضلعي رابطا سيڪريٽري ممتاز علي لغاري، تعلقي صدر ريحان بوبڪ، صوفي سنگت جي اڳواڻ سلطان کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ وهشياڻو تشدد ۽ ڏاڍائي ڪري قتل ڪيل معصوم فاطمہ ڦرڙو سڄي سنڌ جي نياڻي آهي، هن جي قاتلن پيرن کي معصوم فاطمہ جو خون ڪڏهن بہ معاف نہ ڪبو، قانون قاتل پير اسد شاھ سميت معصوم فاطمہ سان ٿيل ظلم ۽ قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏئي سندس وارثن سان انصاف ڪري۔ هنن چيو تہ حق ۽ سچ جي ڳالهہ ڪندڙ سينيئر صحافي جان محمد مھر جو قتل انتهائي ڏوکائيندڙ عمل آهي، جان محمد مهر سکر جي مظلوم عوام جو سگهارو آواز هو جنهن کي بيگناھ قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، سندس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي۔ هنن وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي مظلوم نياڻي فاطمہ ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي ناحق خون سان جلد کان جلد انصاف نہ ڪيو ويو تہ ايس ٽي پي پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ احتجاج ۾ تعلقي جنرل سيڪريٽري سڪندر آمڙو، فاروق شيدي، ماجد ڀان، شيراز ملاح، الھبخش پارھيڙي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sajawal
STP fatima
case
issue
rape murder
0 تبصرے