English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ايس ٽي پي پاران نينگري فاطمه ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف ريلي
views
|
25th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
معصوم فاطمه کي وحشت جو نشانو بڻائيندڙ ۽ سينئر صحافي جي قاتلن کي ڦاهي ٽنگيو وڃي: اڳواڻ
سجاول (گلشيرميربحر) ايس ٽي پي سجاول پاران معصوم فاطمہ ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو۔ سنڌ ترقي پسند پارٽي سجاول پاران مرڪز جي سڏ سجاول ۾ مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي۔ احتجاجي مظاھري کي ايس ٽي پي ضلعي نائب صدر محمد جمن سنڌي، ضلعي رابطا سيڪريٽري ممتاز علي لغاري، تعلقي صدر ريحان بوبڪ، صوفي سنگت جي اڳواڻ سلطان کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ وهشياڻو تشدد ۽ ڏاڍائي ڪري قتل ڪيل معصوم فاطمہ ڦرڙو سڄي سنڌ جي نياڻي آهي، هن جي قاتلن پيرن کي معصوم فاطمہ جو خون ڪڏهن بہ معاف نہ ڪبو، قانون قاتل پير اسد شاھ سميت معصوم فاطمہ سان ٿيل ظلم ۽ قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏئي سندس وارثن سان انصاف ڪري۔ هنن چيو تہ حق ۽ سچ جي ڳالهہ ڪندڙ سينيئر صحافي جان محمد مھر جو قتل انتهائي ڏوکائيندڙ عمل آهي، جان محمد مهر سکر جي مظلوم عوام جو سگهارو آواز هو جنهن کي بيگناھ قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، سندس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي۔ هنن وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي مظلوم نياڻي فاطمہ ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي ناحق خون سان جلد کان جلد انصاف نہ ڪيو ويو تہ ايس ٽي پي پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ احتجاج ۾ تعلقي جنرل سيڪريٽري سڪندر آمڙو، فاروق شيدي، ماجد ڀان، شيراز ملاح، الھبخش پارھيڙي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sajawal
STP fatima
case
issue
rape murder
0 تبصرے