English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ڪجھ ضلعن کي صحافين، عورتن، ٻارن ۽ انساني حقن جو مقتل گاھ بڻايو ويو آهي: پليجو
78 views
|
25th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
عوام خاموشي سان ھڪ ھڪ ٿي ظلم جو نشانو بڻجڻ بدران، پنھنجي ذاتي ۽ قومي تحفظ ۽ بقا لاءِ اٿي پوي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جي ڪجھ ضلعن کي صحافين، عورتن، ٻارن ۽ انساني حقن جو مقتل گاھ بڻايو ويو آهي، 13 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃان تائين شھيد جان محمد مھرجا قاتل گرفتار ٿي نہ سگھيا آهن. ھي ڪٿان جو قانون ۽ انصاف آهي. اياز لطيف پليجي سنڌ جي عوام سان مخاطب ٿيندي چيو تہ خاموشي سان ھڪ ھڪ ٿي ظلم جو نشانو بڻجڻ بدران، پنھنجي ذاتي ۽ قومي تحفظ ۽ بقا لاءِ اٿي کڙا ٿيو، سوال پڇو، ڳالھايو ۽ احتجاج ڪريو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ آئين، قانون جي حڪمراني ۽ برابري کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگھي. شفاف اليڪشن ٿي تہ عوام ڪرپٽ مافيا کي رد ڪري ڇڏيندو. مھانگائي سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آھي. معاشي پاليسيون عوام دشمن آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھٿ وٺي بدامني جي باھ ٻاري وئي آھي تہ جيئن ماڻھو مجبور ٿي ڪرپٽ وڏيرن جي بنگلن تي وڃن. 15 سالن جي حڪمراني دوران پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ سنڌ جي ٻھراڙين ۾ روڊن جو ڄار پکيڙي ڇڏي ھا. پاڻي کوٽ ختم ڪري زراعت کي بحال ٿو وڃي ھا. تعليم جو معيار بھتر ٿو وڃي ھا. بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ملي وڃن ھا. ھر شھر ۽ ڳوٺ کي گئس، بجلي سميت پيئڻ جو صاف پاڻي فراھم ٿئي ھا. پر اڄ شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ هيپاٽائٽس، ڪينسر، ايڊز ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن. اسپتالن ۾ علاج ناھي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ناھي. سنڌ جي گھٽي گھٽي ۾ منشيات جو ڪاروبار ھلي رھيو آھي. نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي. پوليس امن امان بدران ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪري رھي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
QAT
Ayaz Latif Palejo
Palijo
qoumi awami tahreek sindhyani
0 تبصرے