English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي ناري پيار پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گھر
views
|
06th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
شادي بعد مائٽ جاني دشمن بڻجي ويا آهن، تحفظ ڏنو وڃي:مصباح
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نوجوان سان پسند جي شادي ڪندڙ ناري حڪومت کان تحفظ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي اختر ڪالوني واسڻ ناري مصباح پنهنجي مڙس عبدالرحيم جوڻو سان گڏ ميڊيا جي نمائندن کي نڪاح نامو ۽ ٻيا ڪاغذ ڏيکاريندي چيو ته هن 15 ڏينهن اڳ نواجون عبدالرحيم جوڻو سان جڙانواله جي عدالت ۾ مرضي جي شادي ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ سندس مامو خرم، نانو اسلم ۽ ماسڙ مختيار احمد جاني دشمن بڻجي ويا آهن، جيڪي سندس مڙس عبدالرحيم مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي مختلف طريقن سان نقصان پهچائڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مصباح ٻڌايو ته منهنجو والد فوت ٿي چڪو آهي، مامو ۽ نانو هڪ پيرسن سان زبردستي شادي ڪرائڻ چاهين پيا پر مان موقعو ڏسي گهران نڪتيس ۽ عبدالرحيم سان پسند جي شادي ڪئي آهي، مون کي نه ڪنهن ورغلايو آهي نه وري ڪا زبردستي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته منهنجو نانو ۽ مامو منهنجي مڙس ۽ ان جي مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن، جنهن سبب اسان هر وقت خوف ۾ آهيون ۽ لڪڻ تي مجبور آهيون، هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته مون کي ۽ مڙس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، اسان جو ڪوبه نقصان پهتو ته ان جا ذميوار منهنجو نانو اسلم، مامو خرم ۽ ماسڙ مختيار احمد هوندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Karachi
Love Marriage
wedding
0 تبصرے