English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج
116 views
|
13th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ صحافي اتحاد پاران واپڊا ڪالوني کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، معصوم ٻارڙا بھ وڏي انگ ۾ شريڪ
نوشهرو فيروز(ڊ ر) سنڌ صحافي اتحاد نوشهرو فيروز پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ننڍڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي سلسلو جاري آھي. واپڊا ڪالوني نوشهرو فيروز کان شروع ٿيل احتجاجي مظاهري واري ريلي کي ڏسي رسيس ۾ اسڪولي ٻارڙن به ان ۾ شرڪت ڪئي ۽ ننڍڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ نعرا هنيا. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ساگر يوسف منگي، ذوالفقار تڳر، خادم حسين مري، ناز سولنگي، اعجاز تڳر، ثقلين اسراڻ، بهلول مري ۽ ٻين چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ صحافي اتحاد ۽ سنڌ جي گڏيل شعور جو ڀرپور احتجاج جاري آھي ۽ انصاف ملڻ تائين اسان جو احتجاجي سلسلو جاري رهندو. هنن چيو ته سنڌ اندر صحافين جو قتل، معصوم ٻارڙن جون اغوائون ۽ قتل عام ٿي رهيو آھي ۽ حڪمران ڌاڙيلن ۽ قاتلن آڏو بي وس آھن. ننڍڙي پريه ڪماري کي به هن مهل تائين بازياب نه ڪرايو ويو آھي جيڪا حڪمرانن ۽ هن سسٽم جي ناڪامي آھي. هنن چيو ته 14 سيپٽمبر جي شام کان وٺي 15 سيپٽمبر جمعي جي شام تائين به نوشهرو فيروز ۾ احتجاجي ڪئمپ لڳندي ۽ شهيد جان محمد مهر کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. 17 سيپٽمبر تي چڪ جان محمد شهر کان سکر ۾ جاءِ شهادت تائين 30 ڪلوميٽر انقلابي پيادل مارچ ۾ به ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي. 21 سيپٽمبر تي شهيد جو چاليهو ٿيندو جنهن ۾ خاموش احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو ۽ 24 سيپٽمبر تي سچل ڳوٺ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين پيادل احتجاجي مارچ ۽ پوءِ سي ايم هائوس طرف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو هنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
noshahroferoz
jan muhammad mahar
pirya kumari protest
0 تبصرے