English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊپٽي ڪمشنر پاران لاڳاپيل عملدارن سان گڏ سول اسپتال جو دورو
84 views
|
01st Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عوام کي سموريون گھربل سھولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح ۾ شامل آهي:ڊپٽي ڪمشنر سجاول
سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول پاران لاڳاپيل عملدارن سان گڏ سول اسپتال سجاول ، گورنمينٽ گرلس ھاء اسڪول سجاول ۽ واٽر سپلائي و ڊرينيج سيدپور جو دورو ، تمام تر صورتحال جو جائزو ورتو , وزیر اعليٰ سنڌ رٽائرڊ جسٹس مقبول باقر جي خصوصي ھدايتن تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه پاران ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪينڊري ۽ پرائمري، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس ، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پراونشل بلڊنگز ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ ھيلٿ ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ميمبرن تي مشتمل جوڙيل انسپيڪشن ٽيم پاران سول اسپتال سجاول، گورنمينٽ گرلس ھاء اسڪول، واٽر سپلائي ۽ ڊرينيج سجاول جو دورو ڪري سموري صورتحال جو جائزو ورتو - ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ لاڳاپيل ميمبرن سان گڏ واٽر سپلائي ۽ ڊرينيج ملازمن جي پوزيشن، پيئڻ جي پاڻي جي موجودگي ۽ فراھمي، ڊرينيج جي حالت، گورنمينٽ گرلس ھاء اسڪول ۾ شاگردياڻين جي داخلا ۽ حاضري، مقرر ۽ حاضر استادن جو تعداد، واش رومز ۽ ليبارٽري جي صورتحال، صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ فرنيچر جا تفصيل جڏهن ته سول اسپتال ۾ بيڊن، ڊاڪٽرن، ايڪسري، الٽرا سائونڊ، ليبارٽري ۽ دوائن جي موجودگي، آئي سي يو ۽ آپريشن ٿيٽر جي سھولتن ۽ صورتحال، صفائي سٿرائي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، طبي گند ڪچري جي نيڪال سميت عمارتن جي صورتحال جو معائنو ڪري لاڳاپيل عملدارن کان تفصيل پڻ ورتا- ان موقعي تي انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ سمورن لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته ھو پاڻيءَ جي فراھمي ۽ نيڪال، صحت جون بھتر سھولتون ۽ معياري تعليم جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن ماڻهن کي بنيادي سھولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي- ھن چيو ته استادن ۽ ٻين ملازمن جي حاضري، صفائي سٿرائي، ڊاڪٽرن، عملي ۽ دوائن جي موجودگي سميت بھتر طبي ۽ ٻيون سموريون شھري سھولتون ۽ عوامي خدمتن کي يقيني بڻايو وڃي، ان ڏس م ڪنھن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ھن چيو ته عوام کي تعليم ۽ صحت سميت ٻيون سموريون گھربل بنيادي سھولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيحي ۾ شامل آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
ڊپٽي ڪمشنر
شيخ
جسٹس مقبول باقر
0 تبصرے