English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو وايا جھمپير روڊ جي ڪم ۾ ناقص مٽي جي استعمال جو انڪشاف
views
|
17th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
20ورھين کان پوءِ روڊ جي نئين سر تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي: علائقي واسي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) گذريل 20 سالن کان وڌيڪ عرصي بعد ٺٽو وايا جھمپير روڊ جي نئي سر تعمير لاء اڳوڻي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي جي ڪوششن سان روڊ منظور ٿي ويو اھي، جنھن جو شروعاتي ڪم بہ ٺيڪيدار پاران جاري ڪندي روڊ تي پھريان کان ئي مٽي واري ڪچي ڳاڙھي روھڙي، ڀرم ۾ ڪلر واري مٽي لاھڻ شروع ڪري ڇڏي اھي، جيڪو روڊ ٺھندي ئي ٽٽي تباھ ٿي ويندو، پر اڃان تان روڊس کاتي جي انجنيئر توڙي بين عملدارن ھن تعمير ٿيندڙ روڊ جي شروعاتي ڪم جو جائزو ناھي ورتو، جنھن ڪري رھواسين کي روڊ جلد ٽٽي وڃڻ جا خدشا وڌي ويا آھن، رھواسين جو احتجاج روڊ جي شروعاتي ڪم ۾ بھترين مٽيرل لھرائي مضبوطي سان بنائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ مقامي رھواسين ربنواز ٻيليچو ۽ ٻين دانھيندي چيو اھي تہ ٺٽو وايا جھمپير روڊ ڪافي سالن بعد نئي سر تعمير لاء منظور ٿيو اھي، پر ٺيڪيدار پاران روڊ ۾ شروعات ئي غلط مٽيرل سان ڪئي ويئي اھي، ھنن الزام ھڻندي چيو تہ روڊ جي شروعاتي ڪم ۾ ڳاڙھي مٽي واري ڪچي روھڙي وڇائڻ سان گڏ ڀرم ۾ ڪلر واري مٽي ملائي پئي وڃي، روھڙي جي جڳھ تي وڏا ڀٿر روڊ ۾ وڌا پيا وڃن، جنھن سان روڊ ٺھڻ شرط ئي ٽٽي تباھ ٿي ويندو. ھنن چيو تہ افسوس جي ڳالھ اھا اھي تہ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھندڙ ھن روڊ جي اڃان تائين انجنيئر، ضلعي انتظاميہ ٺٽو سميت لاڳاپيل کاتي جي عملدارن بہ جانچ ناھي ورتي، جنھن ڪري ٺيڪيدار پنھنجي مرضي سان غلط مٽيرل استعمال ڪري رھيو اھي، ھنن چيو تہ وڏي عرصي بعد آسپاس جي رھواسين سميت جھمپير واسين کي ھي روڊ منظور ٿي مليو آھي، پر ٺيڪيدار رڳو پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاء روڊ کي بھتر بنائڻ بجاء آگ لاھي رھيو آھي، جيڪو جلد ٽٽڻ جو خطرو اھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن ٺٽو وايا جھمپير روڊ جي نئي سر تعمير ٿيندڙ روڊ جي مٽيرل ۽ ڪم جي جانچ ڪرائي بھتر مٽيرل استعمال ڪرائي رھواسين کي بھتر روڊ ٺھرائي ڏيڻ سميت غلط مٽيرل استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري سالن کان روڊ جي نئي سر تعمير لاء جدوجھد ڪندڙ جھمپير واسين سان انصاف ڪيو وڃي، ياد رھي تہ ھڪ مھينو اڳ اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي پاران درگاھ حضرت شاھمراد شاھ شيرازي کان شيرازي فارم تائين روڊ منظور ڪيو ھو، جيڪو ڪارپيٽ ٿيڻ شرط ئي ريتي، روھڙي ۽ بجري جي ڳرين گاڏين جي ھلڻ ڪري روڊ ويھڻ سميت ان ۾ کڏا پئجي ويا آھن، ان روڊ تان ڳرين گاڏين جي گذرڻ تي بندش نہ وڌي ويئي تہ اھو روڊ وڌيڪ ھڪ مھيني دوران ٽٽي تباھ ٿي ويندو، جنھن جو اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شيرازي کي فورن نوٽيس وٺڻ گھرجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
راجا رنجيت سنگهہ ۽ طوائف موران جي ڪهاڻي
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مطالبن ۽ مالي وسيلن وچ ۾ توازن جي ڳولا
03rd Jul 2025
•
سندھ
وفاقی محتسب نے ای او بی آ ئی سے نان رجسٹرڈ کمپنیوں کی تفصیلا ت ما نگ لیں
03rd Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 16 ڄڻا گرفتار
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سماجي ۽ سياسي شخصيت شفيع محمد ڄاموٽ جي ڇهين ورسي 7 جولاءِ تي ملهائي ويندي
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو ڏاهو ناميارو سگهڙ منظور سومرو دل جي تڪليف سبب بستري ڀيڙو
03rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ ڪچرو کڻندڙ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙو فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ٺٽو وايا
جھمپير روڊ
علي حسن زرداري
سيد رياض حسين شاھ
0 تبصرے