English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي پي ايس 60 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو
views
|
21st Dec 2023
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي پي ايس 60 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي صوبائي تڪ پي ايس 60 جي ريٽرننگ آفيسر وٽ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو. اسڪروٽني 25 ڊسمبر تي ٿيندي. فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ 2013 ۽ 2018 ۾ بدترين ڌانڌليون ڪري پيپلز پارٽي کي اقتدار پليٽ ۾ رکي ڏنو ويو. شفاف چونڊون نہ ٿيڻ ڪري ھر ڀيري عوام دشمن ماڻھو اقتدار تي مسلط ٿي سنڌ ۽ ملڪ جا وسيلا لٽيندا رھيا آھن. ھن ڀيري شفاف چونڊون ٿيون تہ عوام ڪرپٽ زرداري ليگ کي رد ڪري ڇڏيندو. ايندڙ حڪومت جي ڊي اي ٺاھيندي. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ جي عوام جي ترجماني ڪنداسين ۽ مسئلا حل ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زراعت، تعليم ۽ صحت کي بحرانن مان ڪڍنداسين. سنڌ کي ميرٽ ذريعي تبديل ڪنداسين. خوشحالي ۽ ترقي جي دور جي شروعات ڪنداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھٿرادو ڀاڻ جي کوٽ ڪري آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو پيو وڃي۔مارڪيٽ ۾ موجود ھجڻ باوجود ڊيلر ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رھيا آھن۔ سنڌ حڪومت بليڪ تي ڀاڻ ڏيندڙن جي سرپرستي ڪري رھي آھي۔ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي۔ جڏھن فصل لھن ٿا تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا۔ آبادگارن ۽ ھارين کي پنھنجي محنت جو اجورو بہ نٿو ملي۔ ھر زرعي فصل پوکڻ مھانگو ٿي ويو آھي۔ نقلي ٻج ۽ ڀاڻ بہ وڏو نقصان ڏئي رھيو آھي۔ پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل تباھ ٿي ويا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي تي حڪومتي ماڻھن، وڏيرن سردارن جو قبضو آھي. اھي مخالفن، ننڍن آبادگارن ۽ پڇڙي تائين پاڻي پھچڻ نٿا ڏين، جنھن ڪري آباد زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ نقلي ٻج، نقلي دوائن ۽ ڀاڻ جو وڏو ڪاروبار وڌي ويو آھي۔ رشوت جي ڪري جعلسازي ڪندڙن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪمند جي آبادگارن کي گذريل سالن جون رھيل بقايائون نٿيون ڏنيون وڃن۔ ڪڻڪ لھي ٿي تہ باردانو گم ڪيو وڃي ٿو۔ سارين، ڦٽين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪيو ويو، اھا زراعت جي تباھي آھي، جنھن ڪري غربت وڌي وئي آھي۔ بدحالي سبب سنڌ ترقي بدران پوئتي وڃي رھي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ ملوث ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2025
•
شوبز
سیان بروک نے ’ہاؤس آف ڈریگن‘ میں مختصر کردار سے ناظرین کو متاثر کر دیا
30th Jun 2025
•
سندھ
بی جی سی گروپ کے سی ای او سید امتیاز الحق بخاری کا آباد کے چیمبر کا دورہ
30th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..!!
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
01st Jul 2025
•
شوبز
سیان بروک نے ’ہاؤس آف ڈریگن‘ میں مختصر کردار سے ناظرین کو متاثر کر دیا
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سڳيون ڀرسان ساهرن پاران نوجوان ناري کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
ayaz latif palejo ppp n leag
0 تبصرے