English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ڀرسان دڪاندار کان لکين روپيا ڦر، شھرين ۽ دڪاندارن جو ڌرڻو
178 views
|
08th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ڀرسان دڪاندار کان لکين روپيا ڦر، شھرين ۽ دڪاندارن جو ڌرڻو
ڏوڪري/ موھن جو دڙو (رپورٽرز وٽان) ڏوڪري ڀرسان ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد مانڊيون اسٽاف وٽ ڏينھن ڏٺي جاويد مشوري جي ڪرياني جي دڪان تي ٻه موٽر سائيڪلن تي آيل 6 نامعلوم ھٿيار بند ڦورو چڙھائي ڪري ھٿيارن جي ڏڍ تي دڪان مالڪ جاويد مشوري کي يرغمال بڻائي دڪان مان اٽڪل 8 لک رپيا روڪ رقم،ٻه موبائيل فون توڙي ٻيو قيمتي سامان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا واقعي سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو ھوڏانھن متاثر دڪاندار ۽ ڳوٺاڻن ايئر پورٽ ٿاڻي جي پوليس جي نااھلي ۽ واقعي جي خلاف موھن جو دڙو-لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاجي مظاھرو ڪري شديد نعريبازي ڪئي احتجاج سبب موھن دڙو روڊ تي ٽريفڪ ھڪ ڪلاڪ تائين معطل ٿي وئي احتجاج ڪندڙن دانھيو ته اسان ۽ اسان جو ڪاروبارو ڏوھارين جي نشاني تي اچي ويو آھي تنھن ڪري اسان عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھيون ھنن دانھيو ته ھاڻي اسان جو ڪاروبار غير محفوظ ٿي ويو آھي پر پوليس غفلت جي ننڊ ستل آھي ھنن ڊي آء جي ايس ايس پي لاڙڪاڻو توڙي ٻين اعليٰ اختيارين کي چتاءۡ ڏيندي مطالبو ڪيو ته واقعي جو سخت نوٽيس ورتو وڃي ڦر ٿيل رقم ۽ سامان جلد واپس ڪرائي ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي نه ته ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
موھن جو دڙو
Dokri
Mohen jo daro
0 تبصرے