English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
باقراڻي ويجھو گھران رسي نڪتل نينگري جي وارثن جو احتجاج، سندس اغوا جو شڪ
views
|
23rd Jan 2024
•
سنڌي خبرون
باقراڻي ويجھو گھران رسي نڪتل نينگري جي وارثن جو احتجاج، سندس اغوا جو شڪ
باقراڻي (رپورٽر) گھران نڪرڻ بعد گم ٿيل نئين گڏ واسي نينگري بيبي رباب شاھ وارو معاملو ” نينگري جي امڙ ۽ ڀاءُ جو پريس ڪلب باقراڻي پھچي احتجاج ، ڳوٺ راوت ابڙو واسي نوجوان چنگچي رڪشا ڊرائيور مٿان نينگري کي اغوا ڪري گم ڪرڻ جو الزام . رپورٽ موجب : باقراڻي تعلقي جي يونيورسٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نئين گڏ واسي ڏھين درجي جي شاگردياڻي 14 ورھين جي بيبي رباب شاھ ڌي سيد طالب حسين شاھ 6 ڏينهن اڳ مبينا طور گھران ڪاوڙجي نڪرڻ بعد گم ٿي وئي ھئي ، ان سلسلي ۾ سندس امڙ بيبي ريشمان ۽ سندس ڀاءُ سيد پناھ شاھ پريس ڪلب باقراڻي پھچي احتجاج ڪيو ، ان موقعي تي بيبي ريشمان ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 6 ڏينهن اڳ منهنجي نياڻي 14 ورھين جي بيبي رباب شاهه گھران ڪاوڙجي ٻاھر نڪتي جنهن بعد ھو گم آهي ، اسان کي شڪ آهي ته ڳوٺ راوت ابڙو واسي جوابدار چنگچي ڊرائيور حفاظت علي عرف ھارون ابڙو کيس پنهنجي چنگچي تي کڻي ويو ۽ کيس اغوا ڪري قيد ڪري ڇڏيو آهي ، ھن چيو ته اسان سيدن سان ظلم ڪيو ويو آهي ، منهنجي نياڻي مون کي واپس ڪرائي وڃي ڪٿي جوابدار کيس جاني نقصان نه پھچائين ، ھوڏانھن گم ٿيل نينگري جي ڀاءُ سيد پناھ شاھ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي جوابدار حفاظت علي ابڙو خلاف درخواست پڻ ڏئي ڇڏي آهي جنهن تي ايس ايس پي لاڙڪاڻي عبدالرحيم شيرازي ڊي ايس پي باقراڻي غلام مصطفي' ابڙو کي اھڙي معاملي جي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو آهي ، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي باقراڻي ٻڌايو ته نينگري يونيورسٽي ٿاڻي جي حد مان گم آهي ، ان لاء نينگري جي وارثن کي يونيورسٽي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ چيو آهي ، ھر معاملي جي ھر رخ سان جاچ ڪئي ويندي ، ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ الزام هيٺ آيل چنگچي ڊرائيور حفاظت علي عرف هارون ابڙو جي وارثن پاران سندس پراسرار نموني گمشدگي خلاف پريس ڪلب باقراڻي اڳيان احتجاج رڪارڊ پڻ ڪرايو ويو هو .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
باقراڻي
بيبي رباب شاھ
0 تبصرے