English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
views
|
11th Jul 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
حيدرآباد/ٺٽو/سجاول/مٽياري (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون، حيدآباد، مٽياري، سجاول، ٺٽو، گهوٽڪي سميت مختلف شهرن ۾ پاپوليشن کاتي پاران ريليون ڪڍيون ويون، سجاول ۾ سول اسپتال سجاول ۾ ورلڊ پاپوليشن جو اڄ عالمي ڏينهن ملهايو ويو انهي موقي تي ADC 1 سجاول جي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر جي محمد دين منگي ۽ خدا بخش بهراڻي , ڊپٽي ڊاريڪٽر سوشل ويلفيئر جي ميئنيجر محبوب علي لنڊ ,ھينڊز جي ڊسٽرڪٽ آپريشن مينيجر حسين زئور خطاب ڪيو ھنن چيو 11 جولاء ورلڊ پاپوليشن (WORLD POPULATION DAY) عالمي ڏينهن 11 جولاء 1987ع تي ملھايو ويو ته دنيا جي آبادي 5 ارب ٿي چڪي آهي هن ڏينهن جو اهو مقصد ﷲ جي رحمت کان منھن موڙڻ بلڪل بہ نہ هو بلڪ هن ڏينهن جو اهو خاص مقصد آھي تہ خانداني منصوبابندي، صنفي برابري، غربت جي خاتمي، ماءٗ جي صحت، ۽ انساني حقن جي وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏيڻ آهي ھنن وڌيڪ چيو ته ورلڊ پاپوليشن ڊي هر سال ھن تاريخ تي ان سوچ سان ملهايو ويندو آهي 1989ع ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي گورننگ ڪائونسل ان ڏينهن کي ملهائڻ جو سوچو هو هن ڏينهن ملهائڻ جو خاص مقصد خانداني منصوبابندي ، صنفي برادريَ ، غربت جي خاتمي، ماء جي صحت ۽ انساني حقن بابت وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏيڻ آهي ھنن چيو ته هڪ اندازي جي مطابق دنيا ۾ هر 14 مهينن ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن جو واڌارو ٿئي ٿو ريلي سول اسپتال سجاول کان مين روڊ تائين ڪڊي وئي ريلي ۾ شھرين ۽ سول سوسائيٽي پڻ شرڪت ڪئي مڪلي ۾ عالمي آبادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي جاڳرتا ريلي ۽ سيمينار ، مقررن پاران وڌندڙ آبادي تي ضابطي آڻڻ تي زور، سرور نديم ، ڊاڪٽر ممتاز چوهاڻ ، ڊاڪٽر سنيره ۽ ٻين مقررن جو چوڻ ھو تھ جتي دنيا ۾ تيزي سان آبادي وڌي رهي آهي اتي پاڪستان پڻ آبادي ۾ دنيا جو 5 هون نمبر ملڪ بڻجي ويو آهي . وڌندڙ آبادي تي ضابطي آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته گھربل تدبيرن تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن ٻار ۽ ماءُ جي بهتر صحت سان گڏ گھربل ضرورتون به پوريون ٿي سگھن . حيدرآباد ۾ آبادي جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر بخت علي سيال جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ڊائريڪٽر گل نساءِ، سعيدہ مير، ڊاڪٽر انيلا، خالدا ابڙو، راجا اڪبر شيخ، ساوڪ رحيم، ، سردار شاھ، رزاق عمراڻي، ماروي اعواڻ سميت وڏي انگ ۾ اين جي اوز جي نمائندن، شاگردياڻين ۽ ڊاڪٽرياڻيڻ پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر بخت علي سيال چيو ته ملڪ جي آبادي 22 ڪروڙ کان وڌي وئي آھي، ملڪي وسيلن جي گھٽتائي ۽ وڌندڙ مھانگائي سبب عوام مسئلن کي منھن ڏظي رھيو آھي، ھن چيو تہ اسان کي پنھنجي ملڪ جي بھتري ۽ خوشحالي لاءِ فيملي پلاننگ پروگرام تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي ، حيدرآباد ۾ 34 فلاحي مرڪز ۽ 2 موبائيل سروس،04 آر ايڇ سينٽر فيملي پلاننگ جون خدمتون فراھم ڪري رھيا آھن ، ھن چيو ته آبادي تيزي سان وڌي رھي آھي ذريعا تمام گھٽ آھن جنھن ڪري ماڻھن ۾ سخت جاڳرتا جي ضرورت آھي ، ٻارن ۾ وقفو ڪيو وڃي، ننڍي فيملي ھجي تہ جيئن ان کي پالڻ ۾ آساني ٿي سگھي، پوليشن ڊي ملھائڻ جو مقصد ماڻھڻ ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آھي ، اسان کي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پلاننگ تي عمل ڪرڻو پوندو، ننڍو خاندان ھوندو تہ ماڻھو خوشحال زندگي گذاري سگھندو، اڄ جي ڏينھن ماڻھن کي اھا ڄاڻ ڏني پئي وڃي تہ ٻہ ٻار ھوندا تہ ماڻھو جي زندگيءَ خوشحال گذرندي انھن جي تربيت پڻ بھتر نموني ڪري سگھجي ٿي، گهوٽڪي۾ آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاپوليشن ويلفيئر کاتي گهوٽڪي پاران ضلعي آفيس کان ضلعي آفيسر اصغر علي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين روڊ تائين واڪ ڪيو ويو، جنهن ۾ شريڪ پاپوليشن کاتي جي ميل في ميل ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، واڪ کان بعد ضلعي آفيس ۾ پڻ سيمينار منعقد ڪيو ويو۔سيمينار کي خطاب ڪندي پاپوليشن ويلفيئر کاتي گهوٽڪي جي ضلعي آفيسر اصغر علي سولنگي عاشق علي ڪلوڙ ميڊم فريده صائمہ مسلم ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آبادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي واڪ بعد سيمينار منعقد ڪرڻ جو مقصد هتان جي ماڻهن کي فيملي پلاننگ حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ آهي۔هنن چيو ته هن وقت وڌندڙ آبادي سبب ملڪ اندر مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن اسان کي گهرجي ته هڪ ٻار کان ہئي ٻار تائين گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن جو وقفو ڪيون جنهن سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت بهتر رهندي ان سان گڏ اسان جي فيملي خوشحال ٿي ويندي,
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
POPULATION DAY
WORLD
آبادي جي عالمي ڏهاڙي
0 تبصرے