English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ ۽ لاش کي ساڙڻ عدالتن کان مٿانھون قتل آهي: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
views
|
06th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
جونئير ذوالفقار ڀٽو مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي تڏي تي پهچي سندس وارثن کان تعزيت ڪئي
عمرڪوٽ :(ڪانجي مل رکيسر) جونئير ذوالفقار ڀٽو مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي تڏي تي پهچي سندس وارثن کان تعزيت ڪئي، تفصيل موجب گذريل ڏينهن جونئير ذوالفقار ڀٽو عمرڪوٽ لڳ گوٺ جانھرو مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي گهر وارثن وٽ تعزيت لاء پھچي ويو جونئير ذوالفقار ڀٽو مقتول جي وارثن کان تعزيت ڪرڻ باد ميڊيا سان گالھيئندي چيو تي پڙھيل لکيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ ۽ لاش کي ساڙڻ عدالتن کان مٿانھون قتل آهي ھن چيو آهي ته مقتول ڊاڪٽر قتل کان پوء سنڌ جي ماڻهن ۾ ھراس پکڙيل آهي مقتول ڊاڪٽر جي وارثن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ گڏ بيٺل آھيون ھن وڌيڪ چيو ته مقتول ڊاڪٽر جا وارث خوف واري زندگي گذاري رھيا آهن مقتول جي وارثن کي موتمار ڌمڪيون ملڻ جو سسلو جاري آهي سنڌ پوليس توڙي سنڌ حڪومت مقتول جي وارثن کي تفظ ۽ انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام رھي آهي مقتول جا وارث جوڙيل پوليس جانچ ڪاميٽين ء ٽيمن کي قبول نٿا ڪن ڇو ته پوليس مقتول ڊاڪٽر جو ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو ۽ وارثن پاران شاھنواز قتل ڪيس جي جانچ عدالتن کان ڪرائي وڃي ۽ سنڌ حڪومت ۽ ھيلٿ کاتي کي گھرجي ته مقتول ڊاڪٽر ڊوٽي دوران قتل ٿيو آهي ان ڪري انجي رٽائرمينٽ ۽ معاوضو ان جي معصوم ٻچڙن کي ڏنو وڃي ھوڏانھن مقتول ڊاڪٽر جي وارثن ۾ والد محمد صالح ڪنڀر مقتول جي والده سندس گھرواري جونئير ذوالفقار ڀٽو اگيان دانھيدي چيو ته اسان کي مقتول ڊاڪٽر جي ڪيس ۾ سنڌ پوليس جي جانچ ته ڪوبه عتبار ناهي آهي اسان خوف واري زندگي گذاري رھيا آھيون اسان کي عوام ۾ اميدون آهن اسان کي انصاف ۽ تفظ ڏياريو جڏهن ته جونئير ذوالفقار ڀٽو مقتول ڊاڪٽر شاھنواز جي معصوم پٽن کي پنهنجي ھنج ۾ کڻي پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندو رھيو ۽ مقتول جي وارثن ۽ تڏي ته ويٺلن کان ڀاڪرون پائي ھمدردي جو اظهار ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
عمرڪوٽ
0 تبصرے