English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ابراهيم حيدري ۾ پهرين ماهيگير عورت اسيمبلي منعقد
views
|
10th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي علائقن مان سوين ماهيگير عورتن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ابراهيم حيدري ۾ پهرين ماهيگير عورت اسيمبلي، ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي علائقن مان سوين ماهيگير عورتن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت، ماهيگيري، زراعت ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عورتون حياتيون سهولتن جي محرومي جي اذيت ۾ مبتلا آهن، سنڌو دريا م پاڻي نه هوندو ته زراعت تباهه، سمنڊ ۾ روزگار ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو، وقت جي ضرورت آهي ته ماهيگير عورتن سميت سموري سنڌ جو مظلوم عوام پنهنجي قومي، سماجي حقن جي تحفظ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري اچن مهراڻ شاہ، پسند ٿري، اقبال ڏيٿو، ياسمين شاہ ۽ ٻين اڳواڻن جو خطاب تفصيل موجب پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ابراهيم حيدري مورڙو هال جي وومين پارڪ ۾ ماهيگير عورت اسيمبلي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪراچي، ٺٽو، بدين، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن مان سون جي تعداد ۾ ماهيگير عورتن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا اسيمبليءَ ۾ ٽيبلوز، گيت ۽ رقص پيش ڪيو ويو ماهيگير عورت اسيمبلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري، انساني حقن جي علمبردار اقبال ڏيٿو، ياسمين شاہ، نذير چنا ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ماهيگير عورت سميت زراعت ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل عورتون بنيادي سهولتن جي محرومي سبب اذيت ۾ مبتلا آهن هنن چيو ته سنڌو درياهه ۾ 1991 جي معاهدي تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت سنڌ جو پاڻي روڪڻ لاءِ سنڌو دريا مان 6 ڪينال ڪڍي رهي آهي جنهن سبب سنڌو درياهه سڪي ويندو ۽ سنڌي قوم تباهه ٿي ويندي، هنن چيو ته پاڻي نه هوندو ته زراعت تباهه ٿي ويندي ۽ سمنڊ مان ماهيگيرن جو روزگار ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو، سندن چوڻ هو ته وقت جي ضرورت آهي ته ماهيگير عورتن سميت سموري سنڌ جو مظلوم عوام پنهنجي قومي، سماجي، معاشي حقن جي تحفظ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري اچن،پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين مهراڻ علي شاهه،مرڪزي سينيئر نائب صدر ياسمين شاهه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جا لکين ماهيگير خصوصي طور تي ماهيگير عورتون حڪومت، انساني بنيادي حق سياسي سماجي اڳواڻن جي توجهه گهرن ٿيون جن کي مزدور تسليم نٿو ڪيو وڃي جڏهن ته مڇي جي اگهن ۾ اضافو نٿو ڪيو وڃي سمنڊ مان اگر ٻيڙيون خالي اچن ٿيون ماهيگيرن کي گهربل آمدني نه ٿيڻ سبب ڪراچي کان بدين تائين گهرن کي بک ۽ بدحالي وڪوڙي ٿي وڃي، جنهن جو بدترين اثر ماهيگير عورتن تي ٿو پوي، پاڪستان فشر فوڪ فورم واحد آرگنائزیشن آهي جنهن جي قيادت محمد علي شاهه، طاهر علي شاهه کان وٺي هاڻوڪي قيادت تائين جدوجهد جي ميدان ۾ آهي سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي موجودگي لاءِ ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيا ويا ۽ اها جدوجهد درياهه جي مڪمل بحالي تائين جاري رهندي، ماهيگير عورت اسيمبلي جي ذريعي وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ماهيگير عورتن سميت ساحلي علائقن جي ماهيگيرن، هارين، مزدورن جا بنيادي مسئلا حل ڪري حق بحال ڪيا وڃن اسيمبلي م ماھيگيرن جي مسئلن تي پينل گروپ ڊسڪشن ڪئي پینل عائشہ، پشپه ڪماري، انوشہ عالم،قرات، اقبال ڈيٿو ، نذیر چنا، عظم نورانی.انیتا پنجوانی، بلقیس عثمان شرڪت ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قيدي ماھيگيرن کي آزاد ڪيو وڃي، ماھيگيرن عورتن جا بنيادي حق بحال ڪيا وڃن، تمر جي ٻيلن جو تحفظ ڪيو وڃي، مڇي جو اگهه وڌايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
پاڪستان فشر فوڪ فورم
ابراهيم حيدري
پهرين ماهيگير
0 تبصرے