English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پنجاب ۽ پختونن جو مڊل ڪلاس ۽ ڪروڙپتي مقابلي جي ميدان ۾ لٿل آھن: اياز لطيف پليجو
256 views
|
25th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺھڻ سان لاڙ وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين، ٽنڊو محمد خان مڪمل تباھ ۽ برباد ٿي ويندا
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آهي تہ پنجاب ۽ پختونن جو مڊل ڪلاس ۽ ڪروڙپتي مقابلي جي ميدان ۾ آھن، سنڌ جو مڊل ۽ اپر ڪلاس رڳو فيسبڪ تي تبصرن لاء تيار آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جي ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. ڪالا باغ ڊيم وانگر ڪيئنال منصوبا بہ اوھان جا خواب ئي رهجي ويندا اهڙن منصوبن کي سنڌي قوم جتي جي نوڪ تي رکي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي قتل ۽ بنجر بنائڻ واري سازش کي سنڌ جو ست ڪروڙ عوام ڪڏهن بہ برداشت نہ ڪندو . پاڻي لاء جدوجھد سنڌ جي وحدت ۽ وجود جي جدوجهد آهي آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي ۽ پنجاب سان گڏجي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻائي سنڌ کي تباھ ڪرڻ ڪرڻ چاھين ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺھڻ سان لاڙ وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين، ٽنڊو محمد خان مڪمل تباھ ۽ برباد ٿي ويندا.لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو جنھن جي نتيجي ۾ ساحلي پٽي جا ھزارين ماڻھو دربدر واري زندگي گذاريندا ۽ خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويندا . پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌو درياھ تي نئين انداز سان لڳندڙ ڌاڙي تي سنڌ جو عوام خاموش ڪون ويندو.سنڌ جا ماڻھو پنھنجو درياھ بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. زرداري پاڻي تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪروڙين ماڻھن، پکين ۽ جانورن کي اڃ مارڻ جي سازش ٿي رھي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي. ھارين، مزدورن طبقي کي سمجھڻو پوندو تہ موجوده سنڌ حڪومت وٽ انھن جي ترقي ۽ خوشحالي بدران تباھي جو منصوبو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف
0 تبصرے