English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پنجاب ۽ پختونن جو مڊل ڪلاس ۽ ڪروڙپتي مقابلي جي ميدان ۾ لٿل آھن: اياز لطيف پليجو
views
|
25th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺھڻ سان لاڙ وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين، ٽنڊو محمد خان مڪمل تباھ ۽ برباد ٿي ويندا
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آهي تہ پنجاب ۽ پختونن جو مڊل ڪلاس ۽ ڪروڙپتي مقابلي جي ميدان ۾ آھن، سنڌ جو مڊل ۽ اپر ڪلاس رڳو فيسبڪ تي تبصرن لاء تيار آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جي ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. ڪالا باغ ڊيم وانگر ڪيئنال منصوبا بہ اوھان جا خواب ئي رهجي ويندا اهڙن منصوبن کي سنڌي قوم جتي جي نوڪ تي رکي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي قتل ۽ بنجر بنائڻ واري سازش کي سنڌ جو ست ڪروڙ عوام ڪڏهن بہ برداشت نہ ڪندو . پاڻي لاء جدوجھد سنڌ جي وحدت ۽ وجود جي جدوجهد آهي آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي ۽ پنجاب سان گڏجي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻائي سنڌ کي تباھ ڪرڻ ڪرڻ چاھين ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺھڻ سان لاڙ وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين، ٽنڊو محمد خان مڪمل تباھ ۽ برباد ٿي ويندا.لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو جنھن جي نتيجي ۾ ساحلي پٽي جا ھزارين ماڻھو دربدر واري زندگي گذاريندا ۽ خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويندا . پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌو درياھ تي نئين انداز سان لڳندڙ ڌاڙي تي سنڌ جو عوام خاموش ڪون ويندو.سنڌ جا ماڻھو پنھنجو درياھ بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. زرداري پاڻي تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪروڙين ماڻھن، پکين ۽ جانورن کي اڃ مارڻ جي سازش ٿي رھي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي. ھارين، مزدورن طبقي کي سمجھڻو پوندو تہ موجوده سنڌ حڪومت وٽ انھن جي ترقي ۽ خوشحالي بدران تباھي جو منصوبو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2025
•
سندھ
بی جی سی گروپ کے سی ای او سید امتیاز الحق بخاری کا آباد کے چیمبر کا دورہ
30th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..!!
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سڳيون ڀرسان ساهرن پاران نوجوان ناري کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، عوامي ڪيمپ آفيس مان چوٿون ڀيرو چوري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف
0 تبصرے