English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ لطيف شناسائي جو پروگرام منعقد، شاگرد ۽ شاگردياڻيون شريڪ
views
|
05th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي جي چارن ئي تعلقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)لطيف شناسائي ضلعي ٺٽي جو پروگرام گورنمينٽ بوائز ھا۽ اسڪول مخدوم ابوالحسن ٺٽوي مڪلي ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ٺٽي ضلعي جي چارن ئي تعلقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو. ھنن مقابلن جو مقصد نوجوان نسل ۾ شاھ لطيف جو پيغام عام ڪرڻ آهي. ھنن مقابلن سان تعليمي ادارن ۾ لطيف شناسائي جي فروغ مليو آهي. لطيف شناسائي جي سلسلي ۾ وائي، بيت بازي، سوال جواب، تقرير، خطاطي ۽ تصوراتي مصوري جا مقابلا ٿيا.ججن جي فيصلي موجب پھرين پوزيشن تي آيل شاگردن، شاگردياڻين ۾، بيت بازي ۾ سارنگ ڪلمتي بوائز ھا۽ اسڪول احمد خان ڪلمتي، وائي ۾ فتح زينب گرلز ھا۽ اسڪول مڪلي، تقرير ۾ غلام فاطمه گرلز ھا۽ اسڪول مڪلي، تصوراتي مصوري ۾ لشباح يعقوب گرلز ھا۽ اسڪول مڪلي، سوال جواب ۾ مهرنسا گرلز ھا۽ اسڪول گھارو، ۽ خطاطي ۾ پھرين پوزيشن حورين اعواڻ گرلز ھا۽ اسڪول گھارو پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان ڪاميابي حاصل ڪئي. .پروگرام جي آخر ۾ معزز مهمانن پنھنجا خيال ونڊيا ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ فلسفي تي روشني وڌي. ھنن ٻڌايو تي لطيف شناسائي جو ھفتو ملهائڻ جو مقصد نئين نسل کي شاهه عبدالطيف جي فلسفي ۽ سنڌ جي قديمي ثقافت کان واقف ڪرڻ آهي ته جيئن نئين نسل ۾ اتساهه پيدا ٿي سگهي. مھمانن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي امن، محبت ۽ انسان دوستي جو سفير هو، هن پنهنجي ڪلام ذريعي امن، سلامتي، محبت، ڀائپي جو پيغام ڏنو. شاھ لَطيف جو ڪلام عالمي سچائي آهي. ان ڪلام جو ڪنهن خاص زمان يا مڪان سان تعلق ڪونهي. اهو علم آهي، سچ آهي. ان آسماني خوبيءَ جي ڪري، شاهه جو پيغام دنيا جي سڀني انسانن کي، زندگيءَ جي هڪڙي مقصد تي متحد ڪري سگهي ٿو ۽ عالم سڀ آباد ٿيئڻ جو درس ڏئي ٿو. معزز مهمانن ۾ نومان صديقي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن، ڊاڪٽر نذير احمد ميمڻ ريجنل فوڪل پرسن لطيف شناسائي، سيد جھانگير شاهه ريجنل ڪوآرڊينيٽر حيدرآباد ريجن، الله بخش سولنگي ريجنل ڪوآرڊينيٽر، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ٺٽو حضور بخش خاصخيلي، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد شفيق آرائين، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ٺٽو نور محمد سرائي، گسٽا صدر ضلعو ٺٽو غلام نبي خشڪ، اڳوڻو اسٽيڊا ڊاريڪٽر محمد صديق پليجو، عبدالرحيم سومرو، اڳوڻو پرائمري آفيسر ٺٽو، محمد رحيم سومرو ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ٺٽو، ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ابوبڪر پالاري،.تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ڪاشف شفيق آرائين، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر لطيف شناسائي سائين امداد حسين قريشي، تعلقه فوڪل پرسن ٺٽو عبدالحميد مھراڻوي, ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏھن ته شاگردن ۽ شاگردياڻي جي حوصله افزائي لاء لطيف جا ڄاڻو ۽ اديب موجود رھيا، جن ۾ سڪندر علي جانيارو، علي اڪبر پالاري، انور الدين ڪلمتي بلوچ، محمد مارو خشڪ، نور لطيفي، فوزيه رند، خالده ماڪ خشڪ، سلمي قريشي، خان محمد ھلايو، شيراز ميمن، معروف اديب شيراز ميمن، سينئر صحافي اقبال جاکرو، امير عثمان ميمن، تعلقه ڪميٽي ميمبر محمد صفدر ٺٽو ۽ ٻيا شامل ھئا. تقريب جي آخر ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردياڻين ۽ شاگردن کي مھمانن ٽرافيون ۽ سندون ڏنيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لطيف شناسائي
ٺٽو
0 تبصرے