English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 344 هين سالگرھ ملهائي وئي
175 views
|
29th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ ڪلچرل فورم طرفان عوامي پريس ڪلب ملير تي تقريب منعقد، ڪيڪ ڪاٽيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 344 هين سالگرھ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ تقريب، ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش،اديبن ،شاعرن، صحافين، سماجي اڳواڻ ۽ علائقي معززن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، شاھ لطيف اسان کي جدوجهد ۽ حق جي ڳولا جو فڪر ڏنو پر بدقسمتي سان اسان جي نئين ٽهيءَ لطيف جو مطالعو نٿي ڪري ۽ جن ڪيو آهي اُهي سمجهڻ کان قاصر آهن جنهن سبب اسان کان وسيلا کسيا پيا وڃن ڀٽائي اسان جي ٻولي جي ضمانت آهي، صادق لاکو، سيد خدا ڏنو شاھ، غفور شاھ تقوي ۽ ٻين جو خطاب تفصيل موجب شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي 344 هين سالگرھ تقريب سنڌ ڪلچرل فورم ضلع ملير طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ اديبن ،شاعرن، صحافين، سماجي اڳواڻن سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، نامياري سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ، لطيف جي پارکو سيد غفور شاھ تقوي، سامي ميمڻ، اديب شبير لاکو، زمان جوکيو، عنايت شاھ، شاعر جمشيد زهراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڪيڪ کاٽيو ويو تقريب کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سميت دنيا جي سمورن مظلوم، محڪوم ڌرتي دوست ماڻھن جي لاء وڏي اھميت ۽ خوشيء جو ڏينھن آھي ڇاڪاڻ ته ڀٽائي جي شاعري ھردور جي حالتن ۽ انساني احساسن ۽ اذيتن جو ترجمان شاعري آھي شاھ لطيف اسان کي جدوجهد ڪرڻ جا نوان گَس ڏسيا آهن ۽ حقيقيت جي ڳولا ڪرڻ جو فڪر ڏنو پر بدقسمتي سان اسان جي نئين ٽهيءَ لطيف جو مطالعي کان قاصر آهي جنهن سبب اثرائتي جدوجهد ايڪي ۽ ساڇاھ جي کوٽ سميت قيادت جي به اڻاٺ آهي اهو ڪارڻ آهي جو پاڻي، ماڳ مڪان ۽ ٻيا وسيلا کسيا پيا وڃن. ان موقعي تي سجاد شاھ، فاروق ڀنگوار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
شاھ عبداللطيف ڀٽائي
سنڌ ڪلچرل فورم
عوامي پريس ڪلب ملير
0 تبصرے