English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 344 هين سالگرھ ملهائي وئي
views
|
29th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ ڪلچرل فورم طرفان عوامي پريس ڪلب ملير تي تقريب منعقد، ڪيڪ ڪاٽيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 344 هين سالگرھ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ تقريب، ڪيڪ ڪاٽي ڀيٽا پيش،اديبن ،شاعرن، صحافين، سماجي اڳواڻ ۽ علائقي معززن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، شاھ لطيف اسان کي جدوجهد ۽ حق جي ڳولا جو فڪر ڏنو پر بدقسمتي سان اسان جي نئين ٽهيءَ لطيف جو مطالعو نٿي ڪري ۽ جن ڪيو آهي اُهي سمجهڻ کان قاصر آهن جنهن سبب اسان کان وسيلا کسيا پيا وڃن ڀٽائي اسان جي ٻولي جي ضمانت آهي، صادق لاکو، سيد خدا ڏنو شاھ، غفور شاھ تقوي ۽ ٻين جو خطاب تفصيل موجب شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي 344 هين سالگرھ تقريب سنڌ ڪلچرل فورم ضلع ملير طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ اديبن ،شاعرن، صحافين، سماجي اڳواڻن سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، نامياري سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ، لطيف جي پارکو سيد غفور شاھ تقوي، سامي ميمڻ، اديب شبير لاکو، زمان جوکيو، عنايت شاھ، شاعر جمشيد زهراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڪيڪ کاٽيو ويو تقريب کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سميت دنيا جي سمورن مظلوم، محڪوم ڌرتي دوست ماڻھن جي لاء وڏي اھميت ۽ خوشيء جو ڏينھن آھي ڇاڪاڻ ته ڀٽائي جي شاعري ھردور جي حالتن ۽ انساني احساسن ۽ اذيتن جو ترجمان شاعري آھي شاھ لطيف اسان کي جدوجهد ڪرڻ جا نوان گَس ڏسيا آهن ۽ حقيقيت جي ڳولا ڪرڻ جو فڪر ڏنو پر بدقسمتي سان اسان جي نئين ٽهيءَ لطيف جو مطالعي کان قاصر آهي جنهن سبب اثرائتي جدوجهد ايڪي ۽ ساڇاھ جي کوٽ سميت قيادت جي به اڻاٺ آهي اهو ڪارڻ آهي جو پاڻي، ماڳ مڪان ۽ ٻيا وسيلا کسيا پيا وڃن. ان موقعي تي سجاد شاھ، فاروق ڀنگوار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Aug 2025
•
سندھ
سندھ میں مہنگائی کا سبب کرپشن اور ناقص گورننس ہے، نظام وقیادت کی تبدیلی ناگزیرہے، اسد اللہ بھٹو ایڈوکیٹ
18th Aug 2025
•
سندھ
عہد کریں ،علم کی روشنی کو عام کرینگے، سید امتیاز الحق بخاری
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
مدئجي ڀرسان مبينا مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا پر پاڻ کي بادشاھ سمجھن ٿا: اياز لطيف پليجو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو رٽائرڊ فوجي جوان جو معصوم پٽ سميت احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
شاھ عبداللطيف ڀٽائي
سنڌ ڪلچرل فورم
عوامي پريس ڪلب ملير
0 تبصرے