English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پوليو خطرناڪ جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: نويد الرحمان لاڙڪ
155 views
|
16th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار ھال ۾ پوليو جي رائونڊ فيبروري 2025ع جي حوالي سان اجلاس ٿي گذريو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته پوليو ھڪ خطرناڪ بيماري آھي جنھن جي خاتمي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن تہ 03 فيبروري 2025 کان 07 فيبروري 2025 تائين جاري رھندڙ پوليو مهم دوران ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪل 284044 پنجن سالن جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا جنھن جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن، ھن پولیو جي سمورن ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ افسران کي ھدايت ڪندي چيو تہ پوليو جي مائيڪرو پلان تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ھن چيو ته پوري ملڪ پاڪستان ۾ پوليو جا 71 ڪيس ظاھر ٿيا آھن، جنھن ۾ صوبي سنڌ جي ميرپورخاص ڊويزن ۾ ھڪ پوليو جا ڪيس ظاھر ٿيو آھي، تنھنڪري اسان جي ضلعي ۾ پوليو مهم دوران وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي، ھن چيو ته انھي پوليو مهم جي سمورن مانيٽرن کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي تہ جئين ھن مھم کي وڌ ۾ وڌ ڪامياب ڪري سگھجي، ان موقعي تي ھن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن توڙي صحت کاتي جي آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو تہ گذريل پوليو مهم دوران رھجي ويل 469 ٻارڙن کي ھن پوليو مهم دوران پوليو جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن ۽ پوليو مهم جي آگاھي جي حوالي سان عوام ۾ ھڪ واضح پيغام عام ڪيو وڃي تہ پنھنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن، ان موقعي تي اجلاس کي پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري بريفنگ ڏيندَي چيو ته پوليو جي اين آئي ڊي فيبروري 2025 دوران ڪل گھر گھر ٽيمون 814، فڪس سائيڊ ٽيمون 63، ٽرانزٽ سائيڊ ٽيمون 67، يوسي ميڊيڪل آفيسرز 45، تعلقہ سپروائيزر 07 ۽ 181 ايريا انچارج حصو وٺندا جڏھن ته ھن رائونڊ دوران ڪل ويڪسين 16000 ھزار وائل گھربل آھي، ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد هنڱورجو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ايسرداس، اي پي آئي جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر عمران، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگاه شنڪر، پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ايڊيشنل ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، اي ڊي ايل لوڪل گورنمينٽ عمرڪوٽ ھريش چندر کتري، پوليو جي ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو، پي پي ايڇ آئي جي ڊاڪٽر شير علي، ڊاڪٽر گووند رام مالھي، سي ايم او ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ سيد ساجد شاھ، ڊي ايس وي، ٽي ايس وي، ايل ايڇ وي، ويڪسينيٽرن، سماجي تنظيمن سي ڊبليو ايس اي جي ميڊم ڪرن بشير، ھينڊز جي امام بخش خاصخيلي ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود سمورن سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران پنھنجو مڪمل تعاون ڪرڻ جي پڻ يقين ڌياني ڪرائي ويئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے