English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ سي آءِ اي انچارج ممتاز بروهي سان وفد جي ملاقات
32 views
|
27th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
وفد ۾ عوامي پريس ڪلب جو صدر بلاول سمون، زاهد جوکيو ۽ ٻيا به شامل هئا
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)سي آئي اي پوليس پاران منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروائين ڪرڻ ۽ منشيات سپلائي لائينون سختي سان بند ڪرڻ ۽ منشيات خلاف بھترين ڪارواين ڪرڻ واري عمل تي اڄ سي آئي اي انچارج ممتاز بروھي کي عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون،سينيئر صحافي زاھد جوکيو، راجا ميمڻ،سماجي اڳواڻ سيد نياز شاھ،علي اڪبر ميمڻ،اشتاق ميمڻ،سليمان حمائتي، حسين راھوڪڙو ۽ ٻين مڃتا طور سنڌي ٽوپي، اجرڪن ۽ لونگين جا تحفا پيش ڪيا ۽ ممتاز بروھي ۽ سي آئي اي پوليس جي ڏوھارين،منشيات فروشن خلاف ڪارواين جي تعريف ڪئي ۽ سندس خدمتن کي ساراھيو،ان موقعي تي سي آئي اي انچارج ممتاز بروھي عوامي پريس ڪلب جي وفد ۽ سماجي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو، ان موقعي تي ھن چيو تہ آئون ڏوھارين ۽ منشيات فروشن سميت سماج دشمن عناصرن جو دشمن آھيان ۽ عوام جو مونکي احساس آھي، ھن چيو تہ تازو مون ايس ايس پي ڊاڪٽر عمران خان جي ھدايتن تي مال جون چوريون ڪندڙ گينگ کي برسٽ ڪري ڪيترائي چورايل ڍور ڀاڳين کي واپس ڪرايا،ھن چيو تہ گجو ۾ مسلسل وارداتون ڪندڙ ڏوھاري گينگ جو پيڇو ڪري ڏوھاري پڪڙي گينگ برسٽ ڪري امن امان ڪرايو،ھن چيو تہ موٽرسائيڪل چور مقامي ۽ ٻاھرين چورن جي گينگ کي برسٽ ڪري گاڏيون رڪور ڪرائي امن امان ڪرايو،ھن چيو تہ رات مون ترڪي ڪالوني مان قتل ڪيس جي وڏي رھزن روپوش جوابدار کي گرفتار ڪيو، ھن چيو تہ اسان منشيات خلاف سختي وڌائي ڇڏي آھي ان سلسلي ۾ عوام کي بہ پوليس سان سھڪار ڪرڻ گھرجي، ھن چيو تہ عوام ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي نشاندھي ڪري تہ پوليس ھڪدم ڪاروائي ڪندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سندھ
بحریہ ٹاؤن کے قریب کار ٹریلر سے ٹکرا گئی، ایک ہی خاندان کے 3 افراد جاں بحق، 1 زخمی
12th Dec 2025
•
پاکستان
نادرا کی جانب سے پیدائش، موت، شادی اور طلاق کی آن لائن رجسٹریشن کے لیے ایپ متعارف
12th Dec 2025
•
سندھ
سندھ اسمبلی اجلاس: اسپیکر نے صوبائی ترجمان سمعتا افضال کو ڈانٹا
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڄام واهه جي ڳوٺ عرس جاکرو واسي عورتن جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
عوامي پريس ڪلب
0 تبصرے