English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
262 views
|
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم ڊسمبر 2025 جي تيارين سلسلي ۾ هڪ اهم پوليو ريڊينيس اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائین، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ڊي ايم پي پي ايڇ آءِ شرف الدين ميمڻ، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر، اي ڊي او زمان کوسو، ڊبليو ايڇ او عمرڪوٽ جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگاه شنڪر، پوليو جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري، پوليو جا ضلعي مانيٽرنگ آفيسر ڊاڪٽر انوڌر مهيشوري، ڊاڪٽر مونڪا ڪماري، رضا سميجو، ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو، ضلعي انتطاميهَ، صحت کاتي، مانيٽرنگ ٽيمون، پوليس، سماجي تنظيمن جا نمائندا ۽ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ 15 کان 20 ڊسمبر 2025 تائين ضلعي عمرڪوٽ ۾ هلندڙ پوليو ويڪسينيشن مهم جي مؤثر، محفوظ ۽ ڪامياب انعقاد لاءِ ڪيل مجموعي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن ڀيري ضلع عمرڪوٽ ۾ ڪل 42 يونين ڪائونسلن تي پوليو پلان تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مائيڪرو پلاننگ، فيلڊ ٽيمون مقرر ڪرڻ، ٽرانزٽ پوائنٽن جي نگراني، ٻارن تائين سئو سيڪڙو رسائي يقيني بڻائڻ، سيڪيورٽي انتظام، نگراني جو نظام، ڊيٽا رپورٽنگ ۽ گڏيل حڪمتِ عملي بابت تفصيل سان آگاهي ڏني وئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ هدايت ڪئي ته پوليو مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا قطرا پيارڻ جو هدف هر حال ۾ حاصل ڪيو وڃي، جڏهن ته ٽيمن جي ڪارڪردگي، فيلڊ وزٽس ۽ روزاني اڳڀرائي تي سخت نظر رکي وڃي، هن چيو ته پوليو جو مڪمل خاتمو قومي ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڀئي ادارا ڀرپور سهڪار سان گڏجي ڪم ڪن، ان موقعي تي هن ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ کي سختي سان هدايت ڪئي ته سڀني يو سي سيڪريٽرين کي پابند ڪيو وڃي ته ڪُتا مار مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ پوليو ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي، اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل ڪوششن سان ضلعي عمرڪوٽ ۾ پوليو مهم کي ڪامياب ۽ مؤثر بڻايو ويندو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ گذريل پوليو مهم دوران بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڊبليو ايچ او فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگاه شنڪر ۽ ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو کي شيلڊون پڻ ڏنيون ۽ سندن حوصلا افزائي ڪئي وئي، انکانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ پھچي پنجن سالن جي عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو مهم جو آغاز پڻ ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے