English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڀيڻ ۽ امڙ جي حمايت حاصل آهي، ڇهه ڪئنال منصوبو، زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، مزاحمت ڪنداسين ڀلي مرڻو ئي ڇو نه پوي: جونيئر ذوالفقار
views
|
09th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ماڻهن کي روڊن تي نڪرڻو پوندو، انقلاب لاءِ نڪرڻو پوندو: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
ٺٽو (شفيق ڀٽي) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽي ٺٽي لڳ ڇتوچنڊ ڀرسان بروهي ڳوٺ ۾ شھيد مير مرتضي ڀٽو سان گڏ شھادت ماڻيندڙ شھيد رحيم بروهي جي گهر پهچي سندس والده سان تعزيت ڪئي پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءُ تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ۽ سنڌو دريا جي بحالي توڙي انڌي ٻلھڻ جي بقاءُ لاء تحريڪ جاري رکي ويندي سنڌ جو هر طبقو هن عوامي مزاحمتي تحريڪ ۾ اسان سان گڏ ساٿ ڏئي، ڪالاباغ ڊيم کي جدوجهد وسيلي رد ڪيوسين ڪئنالن کي به مزاحمتي تحريڪ وسيلي رد ڪري ڏيکارينداسين. منهنجي والد شھيد مير مرتضي ڀٽو ايم آر ڊي جي جدوجهد کان ويندي سندس شھادت تائين پنهنجي 50 کان مٿي شھيد ساٿين سان گڏ عوام لاء لازوال قرباني ڏني سندس ڇڏيل مشن کي راھ مشعل طور کڻي عوام ۾ نڪتا آھيون تاريخ ثابت ڪندي ته اسان سان غريب پيرين اگهاڙو عوام ماضي جيان گڏ آھي، شھيدن جو پيغام واضع آھي ته عوامي سياست ڪجي عوام لاء سياست ڪرڻ گهرجي عوام جي حقن لاء وڙھڻ گهرجي سياست جو مطلب ۽ مقصد آھي ته عوام لاء آواز اٿاريون، هن وقت سياست اميرن جي سياست بڻجي چڪي آھي ملڪ ۽ عوام کي ورهايو پيو وڃي اهڙين سازشن کي قبول نه ڪيو ويندو منهنجي والد جي خواهش ھئي ته ملڪ هڪ مضبوط جمهوري رياسر طور قائم دائم رهي، سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌو درياءُ جي ناياب نسل انڌي ٻلھڻ کي سخت خطرو لاحق آھي سنڌو دريا ۾ 15 سئو انڌي ٻلهڻ موجود آھن پر سنڌو دريا تي ڪئنال اڏڻ سان نه رڳو سنڌو سڪندو پر اهو ناياب نسل پڻ مري ويندو، سنڌو دريا ۾ هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ سبب ناياب ڊولفن انڌي ٻلهڻ مري رهيو آھي جيڪو لمحه فقريه آھي، سنڌو دريا جي مٿان گذرندي اسان ڏٺو ته اهو پاڻي جو دريا هاڻي رڳو واري ۽ ريت ئي ريت بڻجي ويو آھي، اسانجو مستقبل ڀيانَڪ ڏيکاريو پيو وڃي جو اسانجي مستقبل لاء پاڻي ئي نه هوندو جيڪا خطرناڪ صورتحال آھي. جيئن ڪالاباغ ڊيم خلاف اسان وڙھياسين تيئن هنن ڪئنالن خلاف ويڙھ جاري رکي ويندي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن هارين کي اپيل ٿو ڪيان ته اهي همٿ ڪن ۽ هي جنگ گڏجي وڙھڻ ۾ اسانجو ساٿ ڏين اسين هيءَ جنگ انشاء الله کٽينداسين، شھيد مير مرتضي ڀٽو جي شھيد ساٿي شھيد رحيم بروهي جي تڏي تي پهچي عذر خواهي جي موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ شھيد مير مرتضي ڀٽو جا ساٿي ڪامريڊ نواز علي بروهي نور محمد گگو چاندي خان بروهي رمضان بروهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جونيئر ذوالفقار
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو
0 تبصرے