English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: روزاني عوامي فورم جي هيڊ آفيس ۾ شهيد صحافي تشڪيل سنديلو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو
views
|
04th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
روزاني عوامي فورم ۽ سنڌ نيوزپيپر سوسائٽي پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪرايو ويو، مشتاق سرڪي، تصوير سنديلو، سرور سميجو ۽ ٻيا شريڪ
ڪراچي(اسٽاف رپوٽر) ڪراچي جي ٽريڊ ٽاور ۾ اٺاويهه فيبروري واري رات خوفناڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل صحافي تشڪيل سنديلو جي ياد جي ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. تفصيل موجب روزاني عوامي فورم جي هيڊ آَفيس ڪراچي ۾ عوامي فورم ۽ ايس اين ايس پاران شاهراهه فيصل تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل صحافي تشڪيل سنديلو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ميڙاڪي ۾ ناليواري صحافي مشتاق سرڪي، مختيار سومرو، قاضي شفيق، پي آءِ ڊي آفيسر مقبول سنديلو، سرور سميجو، صاحب خان ڀنڊ، شير محمد کهاوڙ، حزب الله تنيو، تصوير سنديلو، نصرالله جمالي، الطاف پيرزادو،ايڊووڪيٽ نواز ڏاهري، رياض ابڙو، عمران سولنگي، عمران ڪورائي، قيوم سنديلو، ماجد سمون، امانت سنديلو، منصور ميمڻ، نظير ميمڻ، وجي ڪمار، عباس پٺاڻ، ظفرالله ملاح، مشتاق ميراڻي، جميل خلجي، ڪامريڊ عيسيٰ انصاري، عطا پيرزادو، مظهر ابڙو، مختيار چانڊيو، نجيب سنديلو، ماجد سنديلو، علي وقاص سنديلو، شان سولنگي، صفدر خاصخيلي، محمد دانش، توفيق احمد، امجد زنگيجو ۽ ٻين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ميڙاڪي ۾ تشڪيل سنديلو جي روح کي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڙاڪي ۾ ڳالهائيندي ناليواري صحافي مشتاق سرڪي چيو ته تشڪيل سنديلو جهڙا محنتي ۽ ايماندار صحافي تمام گهٽ آهن، سندس ياد ۾ گڏ ٿيڻ ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ اسان لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته تشڪيل سنديلو جي پونئرن سان ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهيون، انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو ڪنهن به صحافي تنظيم سندس ڪٽنب جي ڪا واهر ته ناهي ڪئي پر ڪو به ساڻن درد ونڊڻ به ناهي پهتو. مشتاق سرڪي چيو ته پوليس جاچ جي آخري مرحلن تائين داخل ٿي چڪي آهي ڪيس جي پوئواري جي حوالي سان تمام جلد سٺي خبر ملندي.مختيار سومرو چيو ته تشڪيل سنديلو اداري جو سچو ۽ محنتي ساٿي هو، تشڪيل سميت اداري جا سڀ ورڪر ٻچن جيان آهن ۽ سدائين رهندا. تصوير سنديلو، حزب الله تنيو، سرور سميجو، نصرالله جمالي ۽ ٻين چيو ته ڊيسڪ تي ڪم ڪندڙ صحافي صحافت جا اصل ۽ گمنام هيروز آهن سنڌي ميڊيا جو ڪو به ادارو اهڙي باصلاحيت ڪردارن جي واهر نٿو ڪري، کين مفلسي واري زندگي ۽ ننڍڻڪو ڇڏيو ويو آهي. ڪنهن به اداري ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن به ڊيسڪ واري صحافي کي وقت سر پگهار ئي نٿي ملي جو هو گهر جو گذر سفر ڪري سگهي. آيل صحافين شهيد صحافي تشڪيل سنديلو جي ڀاءُ فرمان سنديلو کي هر ڏک جي گهڙي ۾ ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ڪيس کي پائي تڪميل تائين پهچائڻ جو عزم ڪيو. تعزيتي ميڙاڪي ۾ پنج رڪني ڪاميٽي به جوڙي وئي جيڪا ڪيس جي پوئواري ڪرڻ لاءِ هر ننڍي کان ننڍي عمل تي نظر رکندي ۽ سڀني دوستن کي اعتماد ۾ وٺي ڪو لائحه عمل جوڙيو ويندو. آخر ۾ مهمانن لاءِ افطاري ۽ خيرات جي ماني جو اهتمام پڻ ڪيو ويو هو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
روزاني عوامي فورم
شهيد صحافي تشڪيل سنديلو
0 تبصرے