English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ ۾ سهولت جي مبينا اڻاٺ
views
|
25th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
بار جي وڪيلن پاران شاگردن کي سهولتون نه ملڻ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي انتظاميا پاران يونيورسٽي سب ڪئمپس ۾ پڙهندڙ شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ پنهنجا نواز پاليسي خلاف عمرڪوٽ بار جي وڪيلن جي پريس ڪانفرنس ڪالھ پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي وڪيلن سڪندر کوسو, يوسف منڱريو, منظور احمد راهمون ۽ ٻين چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس ۾ پوائنٽ بسن جي کوٽ، پيئن جو صاف پاڻي جي فراهمي، ڪئمپس بلڊنگ جي زبون حالي، نان ٽيچنگ اسٽاف طرفان پڙھائڻ، اليڪٽرڪ ليب جي ضرورت آهي موجوده پي وي سي ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن يونيورسٽي انتظاميه اهو مئسلا حل ڪرائڻ لاءۡ سنجيده ناهي حقن لاءۡ آواز اٿاريندڙن شاگردن کي هراسان ڪري تنگ ڪيو ويندو آهي غير قانوني طور ڀرتي ٿيل ليڪچرار ذولفقار مري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪندو رهي ٿو سيڪورٽي جا نالي بدمعاش ڀرتي ڪيا ويا آهن ڪنهن به وقت اڻوندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي يونيورسٽي ڪئپمس ۾ ڪيترن ئي سبجيڪٽن جا ليڪچرار ناهي ليب اٽينڊ ۽ آپريٽر ڪلاس وٺن ٿا شاگردن جو مستقبيل داع تي لڳل آهي پي وي سي جي نااهلي سبب ڪئمپس ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻيل آهن هينڊز اينجيوز جي ڏنل کنڀين جي پروجيڪٽ ۾ پڻ ڪرپشن ڪئي پروجيڪٽ جو سامان گم ڪيو ويو پي وي سي يونيورسٽي ڪئمپس جو ٽرانسفارمر وڪرو ڪري پئسا هڙپ ڪيا ھنن چيو ته پي سي وي جان محمد مري ذولفقار مري جي سهولت سان ڪوڙين ۽ فرضي ڪئمپنن جي نالي فنڊ ڪڍائي هڙپ ڪري پيو زرعي يونيورسٽي اوباش ڇوڪرن جي حوالي ٿيل آهي ڪيترائي ملازم ويزا تي ويل آهن جن کان ڊيوٽي جي بدران منٿلي ورتي ٿي وڃي يونيورسٽي انتظاميه قانون ۽ رول جي ڀڃڪڙي ڪري مقامي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ بجاءۡ ٻين ضلعن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن جيڪو مقامي ماڻهن سان زيادتي ۽ ناانصافي آهي يونيورسٽي ڪئمپس ۾ بلڊنگ جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آهي ايڇ اي سي کان 75 ڪروڙ وٺي هڙپ ڪيا ويا آهن ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي اعليُ سطح جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ايماندار پي وي سي مقرر ڪري شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سندھ
دادو میں خلق جی خدمت آرگنائزیشن کی جانب سے محرم الحرام کے موقع پر ٹھنڈے پانی اور شربت کی سبیل سبیل کا اہتمام
01st Jul 2025
•
سندھ
ال میچ میکر ایسوسی ایشن کے چیئرمین سمیع شیخ کا "ہمسفر فورایور لوو" میرج بیورو کے دفتر کا دورہ
01st Jul 2025
•
شوبز
سیان بروک نے ’ہاؤس آف ڈریگن‘ میں مختصر کردار سے ناظرین کو متاثر کر دیا
01st Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪاٺوڙ واسين جو بجلي ۽ پاڻي گهرڻ ڏوھ بڻجي ويو، 300 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ دريا خان مري واسي لا جي شاگرد معيز علي چوهاڻ جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے