English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ ريڊينيس جي گڏجاڻي
views
|
22nd May 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو )ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ ريڊينيس جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل ابڙو پاران عوام کي گذارش ڪئي آھي ته پنهنجي ٻارن کي پاپندي سان پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياري ٻارن کي موذي مرض کان بچائن، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ريڊينيس جي گڏجاڻي ٿي گذري۔ گڏجاڻي جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي۔ ان موقعي تي پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسانجي ضلعي شڪارپور ۾ 49 يوسيون، يوسي ايم اوز، آئوٽ ريچ ٽيمون، اسڪلڊ پرسن، ٽيم اسسٽنس ۽ سوشل موبلائيزرس ۽ ٻيا ڪم ڪري رهيا آھن۔ هن وڌيڪ چيو ته هن ويڪسين لاءِ اسان کي فيميل جي ضرورت پوندي جيڪا گهر گهر وڃي ٻارن کي ڪور ڪري سگهن۔ هن چيو ته گرمي تمام وڌيڪ آهي جنهن ڪري اسسٽنٽ ڪمشنرن کي گذارش ڪئي وڃي ته ڪول چين ۾ ويڪسينيشن لاءِ برف جو انتظام ڪري ڏين ته جيئن ويڪسين جو ٽيمپريچر مينٽين ٿي سگهي. ھن چيو ته جن کي اسين ٽريننگ ڪرايون ٿا ۽ آخري ڏينهن تي اهي ڪوئي سبب ٻڌائي ڊيوٽي ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا. انهن تي به ڪو ايڪشن کنيو وڃي. گڏجاڻي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڳالهائيندي چيو ته 26 مئي کان 1 جون 2025 تائين شروع ٿيندڙ مهم ۾ ضلعي جي شھرين، ٻھراڙين توڙي ڳوٺن ۾ رهندڙ عوام کي گذارش آھي ته هو پنهنجي ٻارن کي 100 پرسنٽ پوليو کان بچاءُ جي ويڪسين جا ڦڙا پياري ٻارن کي پوليو کان ٿيندڙ بيمارين کان بچائن ته جيئن ٻارڙا مختلف بيمارين کان بچي سگهن۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته هاڻي اسان سڀ ملي ڪري ڪمپئين کي ڪامياب ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ڪو پوليو ويڪسين کان انڪاري ٿيو ته ان جي مٿان سخت ايڪشن کنيو ويندو. ھن چيو ته ضلعي اندر پي پي ايڇ آئي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تمام بھتر رهي آهي ۽ ائين ئي ڪارڪردگي رهي ته اسان جي ڪمپئين ڪامياب ٿيندي. ھن لوڪل گورنمينٽ جي اي ڊي ايل سان ڳالھائيندي چيو ته يوسي سيڪريٽرين کي سختي سان ھدايت ڪيو ته ھو سٺي نموني ڪم ڪن. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور چيو ته اڳ به عظمت پھوڙ ڳوٺ ۾ جيڪو مسئلو پيش آيو ان کي به ھاڻي سٺي طريقي سان حل ڪيو ويندو. ھن ويڪسين ڪندڙ ٽيمن لاءِ چيو ته رفيوزل ٻار جيڪي رهجي وڃن ٿا انهن کي به اهي ٽيمون ڪور ڪن۔ هن چيو ته جيڪڏهن ٽيمن کي ڪو به مسئلو درپيش اچي ته هو پنهنجي تعلقي جي فوڪل پرسن انچارج کي شيئر ڪن. ان موقعي تي لکي تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته يوسي طيب ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪر ـ سونو جتوئي ۽ شاھو لٻاڻو جي مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي. هن چيو ته شھر اندر ويڪسين لاءِ ته فيميل ٿي وينديون پر ڳوٺن اندر اتان جي سوشل ورڪرن کي پابند ڪنداسين ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر پرويز احمد سومرو چيو ته يوسين ۾ اسٽاف جي ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين۔ هن چيو ته ھي پوليو مھم 26 مئي کان 1 جون تائين جاري آھي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ـ اسسٽنٽ ڪمشنرز، ڊي ايڇ او ۽ ڊاڪٽرن جون ٽيمون ٻھراڙين، ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ويڪسين ڪندڙ ٽيمن جي نگراني ڪنديون ۽ جيڪڏهن ان دوران ڪنهن به ڊيوٽي ۾ غفلت ڪئي ته ان جي خلاف قانوني قدم کنيو ويندو۔ ان موقعي تي ڊي آءِ بي انچارج شاهجهان شاهه چيو ته ٽيمن سان گڏ هر ڪمپئين ۾ سڪيورٽي گڏ هوندي آھي ۽ ڪاٿي ٽيمن کي وڌيڪ سڪيورٽي جي ضرورت هوندي آ ته اتي وڌيڪ به سڪيورٽي ڏيندا آھيون۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پوليو ٽيمن ۾ سٺي ڪارڪردگيء تي ڪم ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا گڏجاڻي ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، پوليس، پي پي ايڇ آءِ ، پاپوليشن، اي پي آءِ ، ڊبليو ايڇ او ۽ ٻين ضلعي جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے