English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، 8 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
241 views
|
14th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ايس ايس پي علينا راڄپر جي هدايتن تي مختلف علائقن ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون: پوليس
سجاول.(رپورٽ گلشيرميربحر .)ايس ايس پي سجاول علينا راڄپر جي هدايتن تي منشيات/گھٽڪا فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون. 8گھٽڪا /منشيات فروش ڏوهاري گرفتار 630 پاڪيٽ گھٽڪو 10 ڪلوگرام گھٽڪو سوپاري 20 ليٽر ديسي شراب ٺرو هڪ سوزوڪي پڪ اپ 2 عدد موٽرسائيڪلون هٿ ڪيس داخل. تفصيل موجب. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي ۽ انچارج ٻيلو ذوالفقار پنھور جون چار جدا جدا گڏيل ڪاروائين ۾ 5 گھٽڪا فروش ڏوهاري گرفتار 1.گشت دوران بدين روڊ هٿيار سم نالي ويجھو ٻہ گھٽڪا فروش ڏوهاري سڌوزئي ولد سلطان پٺاڻ ۽ محمد عرس درس کي سوزوڪي پڪ اپ نمبر 6041kq سميت هٿ ڪري ورتو سوزوڪي جي تلاشي دوران خفیہ کانن مان هڪ هزار پاڪيٽ گھٽڪو هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. 2.بيلو روڊ مٽلا اسٽاپ ويجھو گھٽڪا فروش ذولفقار علي شيخ کي 500 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. 3.چوهڙ روڊ باء پاس ويجھو ڪاروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري جمن لنڊ کي 410 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. 4.گهٽارو موري ويجھو ڪاروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري منير ميمڻ کي 400 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او بٺورو شبير احمدچانڊيو جي انچارج جاتي چوڪ شمس کاڙڪ سان گڏ ٻہ جدا جدا ڪارواين ۾ ٻہ گھٽڪا فروش ڏوهاري گرفتار. 1.گشت دوران کورواه بٺورو روڊ خواجہ اوليا جي ويجھو ڪاروائي ۾ هڪ گھٽڪو مٽيريل ۽ گھٽڪا فروش جنيد علي عرف جاني ميمڻ گرفتار ۽ هڪ فرار ٿي ويو. 1500 گھٽڪا ۽ 10 ڪلو گرام گھٽڪو سوپاري هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. 2.گشت دوران درگاھ قاسم علي شاھ ويجھو ڪاروائي ۾ گھٽڪا فروش ڏوهاري مير محمد عرف ڏاڏا ڪڇي کي 1600 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. 3.ايس ايڇ او بٺورو گشت دوران هڪ چائنہ موٽرسائيڪل هٿ ڪري حقيقي مالڪ ڪاشف زئور جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. ايس ايڇ او دڙو مشتاق برهماڻي گشت دوران دڙو ٻيلو روڊ باء پاس ويجھو ڪاروائي ڪندي منشيات فروش ڏوهاري عليم عرف حاتم سومرو کي 20 ليٽر ديسي شراب ٺرو سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او جھوڪ صفدر علي سولنگي گشت دوران گندي سم نالي ويجھو ڪارروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري فرارهڪ موٽرسائيڪل ۽ 620 گھٽڪا هٿ ڪري مفرور ڏوهاري جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول پوليس
ايس ايس پي علينا راڄپر
SSP Aleena Rajper
SSP Alina
0 تبصرے