English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪچي شراب، فحاشي جي اڏن ۽ وڌندڙ بدامني خلاف مختلف برادرين جو احتجاج
179 views
|
15th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌندڙ بدامني، ڪچي شراب جي واپار، ۽ فحاشي جي اڏن خلاف ڪولهي، ٻٻر، ڀيل، ۽ مالهي برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پوليس ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، احتجاج جي اڳواڻي ڊاڪٽر جمال ڀيل، روپچند ڀيل، لکمير اوڏ، پانچارام ڪولهي، ڏيرام نائي، عنايت علي ٻٻر، ۽ ليکراج مالهي سميت ٻين سماجي اڳواڻن ڪئي، هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمرڪوٽ ويجهو منو مالهي، خاص طور جوگي پاڙي ۾، ڪچي شراب جون بٺيون ۽ فحاشي جا اڏا بي ڌڙڪ هلي رهيا آهن، جن سبب علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، اسان پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪري به نٿا سگهون، ڏوهاري ماڻهن جنجال مچائي ڇڏيو آهي، احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته پوليس کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڏيڻ باوجود ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي، بلڪه پوليس الٽو متاثر ماڻهن کي تنگ ڪري رهي آهي، هنن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد امير شاهه ۽ ايس پي عمرڪوٽ عزيز احمد ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور صورتحال جو نوٽيس وٺي، منو مالهي جي جوگي پاڙي سميت ٻين علائقن مان ڪچي شراب جي بٺين ۽ فحاشي جي اڏن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مقامي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
فحاشي جي اڏن
0 تبصرے