ھٿرادو مھانگائي عوام جو معاشي قتل آھي، کنڊ جو بحران ڪري عوام کان ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي: اياز لطيف پليجو

ھٿرادو مھانگائي عوام جو معاشي قتل آھي، کنڊ جو بحران ڪري عوام کان ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ھٿرادو مھانگائي عوام جو معاشي قتل آھي. ھاڻ وري کنڊ جو ھٿرادو بحران ڪري عوام کان ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي. زرعي ملڪ جتي ڪڻڪ، ڪمند سميت ھر فصل ضرورت کان وڌيڪ ٿئي ٿو ان باوجود ڪڏھن اٽي جو بحران، ڪڏھن کنڊ جو بحران، ڪڏھن ٻين فصلن جو بحران ڪيو وڃي ٿو. فصل لھڻ وقت انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، آبادگارن کي سندن محنت جو اگھ بہ نٿو ڏنو وڃي پر اٽو ۽ کنڊ جي صورت ۾ عوام کان ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي. ھٿرادو مھانگائي ڪئي وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت جو معاشي پاليسي پورھيت دشمن آھن. عوام دشمن آھن. جنھنڪري ھر طرح سان عوام کي بدحال ڪيو پيو وڃي. آئي ايم ايف جي شرطن تي جوڙيل معاشي پاليسيون حڪمران ۽ سرمائيدار طبقي جي مفادن واريون آھن. ھارين، مزدورن سميت غريب عوام کي ڪنگال ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ تازو پيل برساتن حڪمرانن کي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي. ٿوري برسات ۾ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد سميت ڀرپاسي جا علائقا ٻڏي ويا. انساني جاني نقصان ٿيو. برساتون حڪمرانن جي ڪمائي جو ذريعو بنجي ويون آھن. پاڻي جي نيڪال جا بندوبست نٿا ڪيا وڃن. برسات کانپوءِ پاڻي نيڪال جي نالي ۾ ڪروڙين روپين جو خرچ ڏيکاري ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي. عوام کي مرڻ ڏنو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني سمورن مسئلن جو بنياد آھي. سنڌ جا ماڻھو بنيادي انساني حقن کان محروم آھن. صاف پاڻي، تعليم، صحت، روزگار ۽ ٻيا بنيادي حق خواب بڻجي ويا آھن. سموريون سهولتون صرف حڪمران طبقي لاءِ آھن