سانا جي جي ايڊووڪيٽسي ۽ رائٽس ڪميٽي پاران سنڌ ۾ جبري مذهب تبديلي جي مذمت

سانا جي جي ايڊووڪيٽسي ۽ رائٽس ڪميٽي پاران سنڌ ۾ جبري مذهب تبديلي جي مذمت

ورجينيا (ضياء قريشي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ايڊووڪيٽسي ۽ رائٽس ڪميٽي پاران سنڌ ۾ سنڌي هندو نياڻين جي زوري مذهب تبديل ڪرڻ واري سنگين مسئلي تي هڪ انتهائي اهم، جذباتي ۽ اکيون کولائيندڙ ويب نار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نامياري شخصيتن ۽ ماهرن، جن ۾ وڪيل راميش ڪمار گپتا (هيومن رائيٽس ڪائونسل جو چيئرمين)، اشفاق لغاري، آڪاش ڪيول رام، خالد ھاشماڻي، مشتاق راجپر، ۽ ڊاڪٽر صغير شيخ شامل هئا، شرڪت ڪئي. اشفاق لغاري شهدادپور مان اغوا ٿيل نياڻيءَ جو ڪيس بيان ڪندي چيو ته پوليس جاچ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته مختلف مذهبي گاديون اهڙن ظالماڻن عملن جي حمايت ڪن پيون. هن انگ اکر ڏيندي چيو ته گذريل هڪ سال ۾ سَو کان وڌيڪ سنڌي هندو نياڻيون زوري مذهب تبديل ڪرڻ جو شڪار ٿيون آهن، ۽ ڪنهن کي به ان تڪليف، اذيت، ۽ ٽٽل خاندانن جي درد جو احساس ناهي. وڪيل رميش ڪمار، جيڪو پڻ شهدادپور جي متاثر نياڻين جو وڪيل آهي، افسوس سان چيو ته ملڪ ۾ زوري مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ڪو واضح قانون موجود ناهي، ۽ جڏهن والدين پوليس وٽ ايف آءِ آر داخل ڪرائين ٿا ته کيس رڳو اغوا جو ڪيس سمجهيو وڃي ٿو، پوءِ اوچتو ڪو ڇوڪرو سامهون اچي چوندو آهي ته نياڻيءَ سان شادي ڪئي اٿس، ۽ پيرن جي گادي مان بيان اچي ٿو ته نياڻي رضاڪاراڻه اسلام قبول ڪيو. اهڙيءَ صورتحال ۾ والدين پاڻ کي لاچار محسوس ڪن ٿا. آڪاش ڪيول رام چيو ته گهڻيون نياڻيون نابالغ هونديون آهن، ڪي ته ڏهن ورهين کان به گهٽ عمر جون، جن کي اغوا ڪري، منشيات ڏئي، ۽ ذهني دٻاءَ هيٺ آڻي مذهب تبديل ڪرايو وڃي ٿو، ۽ مجرمن کي سزا ڏيڻ بجاءِ سماجي ۽ مالي طور انعام ڏنا وڃن ٿا. خالد ھاشماڻي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هن معاملي تي ڪو به قدم نه پيون کڻن، ۽ اوورسيز سنڌين کي گهرجي ته هو هن انساني الميي تي پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن. مشتاق راجپر زور ڏنو ته سنڌي هندو برادري انتهائي بااثر آهي، پوءِ ڇو نه هو اڳيان اچي متاثرن جو ساٿ ڏئي؟ ڊاڪٽر صغير شيخ واضح ڪيو ته هي رڳو هندو برادري جو نه پر سڄي سنڌ جو قومي مسئلو آهي، ۽ سڀني قومپرست ڌرين کي گڏجي ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي. سيشن جي آخر ۾ سوالن ۽ جوابن جو سلسلو به هليو، جنهن ۾ مهمانن شرڪت ڪندڙن جا سوال تفصيل سان ٻڌا ۽ جواب ڏنا. پڄاڻيءَ تي اي آر سي چيئرمين ذوالفقار خواجا پاران هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران زوري مذهب تبديليءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هن انسانيت سوز عمل خلاف ترت قانونسازي ڪئي وڃي ۽ موجود قانونن تي سختيءَ سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.