لاڙڪاڻي شهر ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ عوام ذهني مريض بڻجي ويو..!

عبدالوحيد عباسي،لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻي شهر ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ عوام ذهني مريض بڻجي ويو..!

سنڌ جي تاريخي شهر لاڙڪاڻي ۾ هڪ وڏي عرصي کان عام عوامي شڪايت رهي آهي ته جنهن پ پ پ جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو توڙي محترمه بينظير ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻي سان پيپلزپارٽي جي موجوده حڪومت جو ڪهڙو حساب ڪتاب رهيل آهي جو هميشه ۽ گذريل 18 سالن کان لاڳيتو اقتدار ۾ به رهي ويٺي آهي انهيءَ لاڙڪاڻو شهر جي ووٽرن جي ڪري ۽ پ پ جو ڳڙهه مرڪز به لاڙڪاڻو آهي پر بدقسمتي سان لاڙڪاڻو شهر جي عوام کي هر ڳالهه ۾ پوئتي رکيو ويو آهي. ايتري قدر جو لاڙڪاڻي شهر جي اندر جون جولاء جي گرم ترين ڏهاڙن ۾ به 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي جي غير قانوني لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي. پ پ جا چونڊيل نمائندا هونئن ته هر معاملي ۾ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ آواز اٿارين ٿا پر افسوس صد افسوس ته جتان ووٽ وٺي اقتدار جي ڪرسي تي ويهن ٿا انهيءَ شهر لاڙڪاڻي جي ڊگهي طويل ترين 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ تي خاموش بڻيل آهن. جڏهن ته پ پ جي نمائندن کي هئڻ ائين گهربو هو ته هو پنهنجي پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان عملي طرح اسٽينڊ وٺي قومي / صوبائي اسيمبلين سميت سينيٽ جي ايوان ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ بجلي جي غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ آواز بلند ڪن ها پر ڪا به پ پ پ قيادت جيڪا اسلام آباد، ڪراچي ۽ دبئي ۾ آرام پذير آهي اها لاڙڪاڻي شهر جي بجلي صارفين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ڄڻ ته خاموش تماشائي بڻيل آهي. لاڙڪاڻي شهر جا شهري بار بار واپڊا سيپڪو جي نااهل انتظاميا خلاف سراپا احتجاج بڻيل رهيا آهن پر ڪميشن مافيائون جي ور چڙهيل انتظاميه جي گهيري ننڊ ۽ خاموش بڻجڻ جي ڪري لاڙڪاڻي شهر جو عوام سخت گرمي ۾ وڏي عذاب مان گذري رهيو آهي. جيڪڏهن لاڙڪاڻي شهر ۾ برساتون شروع ٿي ويون ته پوءِ ڏينهن جا ڏينهن بجلي جو نالو نشان نه هوندو آهي ۽ پورو لاڙڪاڻو برساتن سان گڏ گندي ڊرينج سسٽم واري پاڻي سان ٻڏڻ لڳندو آهي. لاڙڪاڻي شهر کي ڏني سائين جي سخت ضرورت آهي باقي فوٽو سيشن جي عوام کي ضرورت ناهي. لاڙڪاڻي شهر جو عوام بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ذهني مريض بڻجي چڪو آهي. ڪٿي به ايڏي ڊگهي طويل بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هوندي برو نه ٺهيو پر شايد افغانستان، علاقه غير بنون ۾ به ايتري لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هوندي جيتري لاڙڪاڻو شهر ۾ ڪئي وڃي پئي، اميد ڪجي ٿي ته پيپلزپارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، محترمه فريال ٽالپر، نثار احمد کهڙو ۽ ٻيا لاڙڪاڻي شهر جي اندر ڪوثر مل محلي،حيدري محلي ،حسيني محلي ، لطيف ڪالوني، رحمت پور، گاسليٽ ڊيپو ۽ ٻين شهري علائقن ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي تي اپاء وٺندا ته جيئن لاڙڪاڻي شهر جي بجليءَ صارفين سان انصاف ٿي سگهي ۽ علائقي جي ڪاروباري مرڪزن ۾ معاشي بهتري اچي سگهي.