ڳوٺ سهراب خان مري واسين ستين ڏينهن به بااثر نواب مري خلاف احتجاجي ڪيمپ جاري رکي
نوشهروفيروز (ڊر)نوشهروفيروز جي ڳوٺ سهراب خان مري جي رهواسي مري برادري جي ماڻهن جو بااثر مائٽ جي ظلمن ۽ زمين تي خلاف پريس پريس ڪلب آڏو 7 ڏينهن انوکو احتجاج احتجاجن طور بک هڙتالي ڪيمپ تي جمعي نماز ادا ڪئي وئي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان، ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضي، ڪوڙن ڪيسن خلاف نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي ڳوٺاڻن بشير احمد مري، اعجاز مري سڪندر مري ۽ ٻين چيو ته اسان جو بااثر مائٽ نواب مري اسان جي زمينن تي قابض بڻيل آهي جيڪو اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي هنن چيو ته ظلم جي انتها آهي ته بااثر وڏيرو نواب مري اسان جو ويجهو عزيز هجڻ جي باوجود به اسان جي زمينن تي هٿيار بند ويهاري ڇڏيا آهن زمينن تي فصل ڪاهڻ به نه ٿو ڏئي ۽ روز ڪوڙا ڊراما ڪري اسان جي گهرن تي پوليس موڪلي هراسان ڪري پيو هنن مطالبو ڪيو ته زمين تي قبضي جو نوٽيس ورتو وڃي ٻئي طرف متاثرين احتجاجي ڪيمپ تي آذان ڏئي خطبو ڀڙهي جمعي جي نماز ڪيمپ تي ادا ڪندي مطالبو ڪيو ته قبضا خور نواب مري خلاف قدم کنيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو
0 تبصرے