ايران ـ اسرائيل جنگ ۾ اسرائيل کي پھتل نقصان!

مُحمد يُوسف ڀُٽو

ايران ـ اسرائيل جنگ ۾ اسرائيل کي پھتل نقصان!

گذريل مھيني جون ۾ اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملي بعد ۽ ڇِڙي پيل ايران ـ اسرائيل جنگ (13 جون کان 24 جون 2025ع) ۾ جيئن تہ ايران جا شھيد ٿيل 10 اھم ترين فوجي جرنيل (جن مان چار ڄڻا زندہ سلامت بچي نڪتا) ۽ 16 جي لڳ ڀڳ ائٽمي سائنسدان شھيد ٿيا. جنگ ۾ ٿيل نقصان جي انگن اکرن موجب 610 ايراني شھيد ۽ 5 ھزارن جي ويجھو زخمي ٿيا جڏھن تہ اسرائيل جي جھنم واصل ٿيل صيھونين جو انگ صرف 28 ۽ زخمي ٿيل صيھونين جو انگ 3300 ظاھر ڪيو ويو پر اسرائيل جي اصل نقصان کي لڪايو ويو. ڇو تہ اسرائيل تي ٿيل ايراني سوپر سانڪ ۽ ھائپر سانڪ ۽ جديد ترين بيلسٽڪ ميزائلن ۽ خودڪش ڊرون حملن جي لڳاتار 20 کان 22 لھرن ۾ جيڪو اسرائيل جو نقصان ٿيو اھو بروقت سامھون نہ آيو جنھن جو وڏو سبب اسرائيل ۾ عالمي ميڊيا کي نقصان جي ڪوريج ڪرڻ کان روڪڻ ۽ ناقابل تسخير ھئڻ واري پنھنجي ڪريل ساک تي پردہ پوشي ڪرڻ ھئي. ان کان پھرين جو اسرائيل جو جنگ دؤران ٿيل اصل نقصان ذڪر ھيٺ آڻجي ھتي اھو سمجھڻ بہ ضروري آھي تہ ايران تي اسرائيلي حملو اصل م آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل فوجي ڪارروائي ھئي تہ ايران جي ٽاپ فوجي اڳواڻن کي پھرين ڊيڄاري ھٿيار ڦٽا ڪرائجن (جنھن لاء حملي کان اڳ انھن کي فون ڪالز آيون تہ سرينڊر ڪريو نہ تہ توھان اسان جي نشاني تي آھيو) ٻي صورت ۾ انھن کي قتل ڪري سياسي قيادت توڙي ايراني سپريم ليڊر کي قتل ڪري فوري طور تي ايران ۾ فوجون لاھي انھن تي نئين ڪٺ پتلي حڪومت کي اتي زوريء ٿاڦي، ايران جا ائٽمي اثاثا کني، ائٽمي توڙي ميزائل تنصيبات کي اندران کان تباھ ڪري ۽ فوجي ٺڪاڻن کي پڻ تباھ ڪيو وڃي. ھي وچ اوڀر جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ پلان ھو پر آمريڪا ۽ اسرائيل کي تاريخ جي سڀ کان وڏي، ڳري ۽ بدترين ناڪامي جو بار کڻڻو پيو. ايران تي حملي بعد جيئن ئي ايراني عوام کي خبر پئي تہ اھو حملو اسرائيل ڪيو آھي تہ بنا ڪنھن فرق جي سڀ ماڻھو رستن تي نڪتا ۽ ملڪ ۽ قوم خاطر ٻڌي جو ثبوت ڏنو. ان احتجاج م اھي سيڪيولر خيال جا ماڻھو بہ ھئا جيڪي ايراني اليڪشنز ۾ ووٽ بہ ناھن ڏيندا پر ان ڏينھن اھي سڀ ٻاھر نڪتا ۽ Regime Change واري سامراجي ارادن ۽ منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ايراني عوام جي انھيء ٻڌيء جو ثبوت وارو عمل آمريڪا ۽ اسرائيل جي توقع جي بنھ خلاف ھو. ڇو تہ آمريڪا اسرائيل جي بنيادي مقصدن ۾ ھڪ مقصد ايران ۾ خانہ جنگي ڪرائڻ بہ ھئي. ايران تي اسرائيلي حملي بعد ايران لاء پھريون وڏو مسئلو پنھنجي ڊفينس سسٽمز جن کي اسرائيل جام Disable ڪيو ان کي Restore ڪرڻو ھو بعد ۾ ايران کي وڌيڪ تباھي کان بچائڻو بہ ھو ۽ ان بعد مزاحمت جي ميدان تي پوري سگھ سان نڪرڻو بہ ھو. اھي ڪم ڪرڻ بعد پوء جيڪو ايران اسرائيل تي قھر بڻجي ڪريو، ان جي نِتِ نَون سوپر سونڪ ۽ ھائپر سونڪ ميزائلن رات کي ڏينھن ڪندي قبضہ گير صيھونين جي شھرن ۾ تباھي مچائي اسرائيلين کي ان جي ذري جي بہ توقع ئي نہ ھئي تہ ڪو ائين سندن پلان ناڪام ٿيندو ۽ ايران انھن جو اھڙو حشر ڪندو. ايران ھڪ عقلمندي وارو ڪم اھو ڪيو جو ھن اسرائيل سان جنگ کان پھرين ئي پنھنجي ملٽري کي آمريڪي سيٽل لائيٽ سسٽم GPS تان ھٽائي چين جي جديد سيٽل لائيٽ واري پوزيشننگ سسٽم بائيڊو تي منتقل ڪري ڇڏيو ھو. نتيجي ۾ ايران اسرائيل تي جيڪي ميزائل فائر ڪيا اھي فل ايڪيوريسي سان ٽارگيٽ تي ڪريا ٿي. ايران چيني ٽيڪنالاجي جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آھي. اطلاع آھن تہ ھاڻي تہ ايران پنھنجي پوري ملڪ کي چيني سيٽل لائيٽ سسٽم تي منتقل ڪري ۽ مغربي Apps تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي. مطلب دنيا ۾ آمريڪي ٽيڪنالاجي کي Replace ڪيو پيو وڃي ھيء وڏي ڊولپمينٽ آھي خاص ڪري Global South لاء. چين جا اتحادي ملڪ چيني نيويگيشن تي شفٽ ٿي رھيا آھن. جنگ دؤران آمريڪي حملي جي اطلاع ملڻ تي ايران اڳواٽ پنھنجو 60 سيڪڙو افزودہ ڪيل يورينيم محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪري چڪو ھو. اسرائيل جي ٿيل نقصان جو اصل تفصيل: ھڪ ڳالھ واضح رھي تہ ايران اسرائيل جو جيڪو نقصان ڪيو ان جو ڪجھ تفصيل اسان اڳئين آرٽيڪلس م پھرين ئي ڪري چڪا آھيون، ھتي تازو جاري ٿيل ڪجھ وڌيڪ حقيقتن جو انگن اکرن سان ذڪر ڪنداسين جيڪي اسان جي تحقيق ۾ آيون آھن. ايران پاران ھن ئي مھيني پھرين جولائي تي اھا لسٽ بہ پڌري ڪئي وئي آھي جنھن ۾ اسرائيل جي انھن صيھوني فوجي جنريلن جا نالا شامل آھن جن کي ايران ـ اسرائيل جنگ دؤران ايران جھنم واصل ڪيو. ايران وارن اسرائيل جي ھڪ خفيہ ويب سائيٽ کي ھيڪ ڪيو جنھن ۾ اسرائيلين ايران سان جنگ دؤران پنھنجي نقصان جا تفصيل ڪٺا ڪري رکيا ھئا. ايران ھيڪ ڪيل ويب سائيٽ جا تفصيل پڌرا ڪري ڇڏيا. انھن ماريلن اسرائيلي فوجي جنريلن ۾ اھي بہ خبيث شامل آھن جن غزا ۾ نسل ڪشي ڪئي. اسرائيل جي ھيڪ ٿيل ويب سائيٽ موجب جنگ دؤران ايران اسرائيل جا 6 فوجي جرنيل ماريا، موساد جا 32 اعليٰ ترين آفيسر ماريا. شندت (اسرائيلي خفيہ ايجنسي) جا 78 اعليٰ آفيسر ماريا. 27 نيوي جا ماڻھو ماريا، 198 ايئر فورس جي اھلڪارن کي بہ ايران ماريو. 462 عام فوجين کي بہ ختم ڪيو ويو. 423 سويلين کي پڻ ايراني ميزائل اسٽرائيڪس ۾ ماريو ويو. مشھور تجزيہ ڪار سيد علي حيدر ھڪ رپورٽ بہ ڏني آھي تہ ”ايراني حملن ۾ موساد چيف مارجي چڪو آھي جنھن خبر کي اسرائيل لڪايو ھو جنھن جو نالو ڊيوڊ بارنيا ھو“ ھي جھٽڪو اسرائيل لاء ڪنھن تباھ ڪْن زلزلي کان گھٽ نہ ھو. ھاڻي ڏسو Times Of Israel اسرائيل جي پنھنجي ميڊيا بہ مڃيو آھي ايران جي حملن ۾ اسرائيل جا 30 سيڪيورٽي جا چيف ۽ 11 ائٽمي سائنسدان بہ مارجي مارجي ويا. ٽائمز آف اسرائيل ھن ريت لکيو: The Israeli official says "Iran's strikes killed over 30 security chiefs 11 Nuclear Scientist" مشھور آمريڪي صحافي ايلڪس جوز جيڪو ٽرمپ جو حامي بہ ھو ان بہ رپورٽ ڏئي آھي تہ اسرائيل جو جيڪو وڏو نقصان ٿيو آھي اھو ملٽري نوعيت جو ٿيو آھي. ايلڪس جوز اھا ڳالھ اسرائيلي چينل 13 جي حوالي سان ڪئي. ليري جانسن سي آئي اي جو اڳوڻو Analyst آھي ان چيو US was forces to intervene to pervent Iran from dertroying Israel يعني ”آمريڪا کي مجبورن جنگ م لھڻو پيو، ڇو جو ايران اسرائيل کي کائي ويو ھو“ ايران اسرائيل جنگ ۾ اسرائيل کي لڳ ڀڳ 20 بلين ڊالرز جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي. اندازن 10 ھزارن کان وڌيڪ بلڊنگز، گھرن، دڪانن ۽ ٻين اڏاوتن جي تباھي، انھن ۾ Major يا Minor Damages جي ڪري شگاف يا ڏار پئجي ويا. ايران جيڪي اسرائيل تي حملا ڪيا انھن م اسرائيل ۾ سوين ڇا پر ھزارين ماڻھو Displaced آھن ۽ Missing بہ آھن، ايتري ئي تعداد ۾ زخمي بہ آھن جن جو اسپتالن ۾ علاج ٿئي پيو. ايران پنھنجي ائٽمي سائنسدانن جي شھادت جو بدلو ڪيئن ورتو: ڪو شڪ ڪونھي تہ ايران پنھنجي ائٽمي سائنسدانن جي شھادت جو بدلو اسرائيل کان وٺڻ م ڪامياب ويو آھي. ايران جنھن رستي جي چونڊ ڪئي ان صيھوني رياست کي لوڏي وڌو. ايران اسرائيل جي سڀ کان اھم سائنسي تحقيقي اداري (وائزر مين انسٽيٽيوٽ) تي ھائپر سانڪ ميزائلن سان حملو ڪري ان کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيو. ھن اداري ۾ 2500 کان وڌيڪ طبيعات جا ماھر آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڪوائنٽم ڪمپيوٽنگ، بايو ٽيڪنالاجي ۽ بچاء واري ٽيڪنالاجي ۽ بچاء جي تحقيق تي ڪم ڪري رھيا ھئا. ھي ادارو ناجائز رياست اسرائيل جي ٺھڻ کان اڳ جو ٺاھيل ھو ۽ سڄي دنيا ۾ ريسرچ آئوٽ پٽ ۾ ڇھين نمبر تي ھو ۽ اسرائيلي فضائيہ، ائٽمي رٿائن ۽ ناسا توڙي آمريڪي يونيورسٽين جي اشتراڪ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رھيو ھو. صرف چند منٽن ۾ 91 سال جي سائنسي محنت، ڊيٽا، ليبارٽريز ۽ دنيا جا بھترين ذھن صفحہء ھستي تان مٽجي ويا. ايران جي حڪمت عملي ڏاڍي زبردست ھئي. پھرين ڊرون ۽ گھٽ معيار جا ميزائل موڪليا ويا تہ جيئن اسرائيلي دفاعي نظام (آئرن ڊوم، ايرو ون، ايرو ٽو، ايرو ٿري، ڊيوڊ سلنگ) رِي لوڊ تي مجبور ٿي وڃن. پوء 11 منٽن جي ان وقفي ۾ ھائپر سونڪ ميزائل فائر ڪيا، جيڪي سڌا انسٽيٽيوٽ تي ڪريا. اسرائيلي صدر خود مڃيو تہ ”ھي ھڪ تعليمي ادارو ھو، ھاڻي صرف ڦليار آھي. اسان پنھنجا بھترين سائنسدان ۽ تحقيق وڃائي ڇڏي“ ھي حملو رڳو ھڪ انتقام ٿورئي ھو بلڪہ اسرائيل کي بچاءُ جي سائنس، ٽيڪنيڪي ۽ ذھني ميدان ۾ ستر سال پويان ڌڪڻ وارو زلزلو ھو. عالمي ميڊيا ھن واقعي تي چپ رھي نہ تہ جنگ دوران ھيڊ لائن ٿيڻ کپندي ھئي. اسرائيل جي ناڪامي ان جي ميڊيا جي زباني: اسرائيل جو ھڪ وڏو ميڊيائي ادارو ھارٽز چوي ٿو "None of Israel's goals achieved in war on Iran" Haaretz ھاريٽز لکي ٿي ”ايران تي اسرائيلي حملي جو ھڪ بہ مقصد حاصل نہ ٿيو“ اڳتي لکي ٿي ”مزاحمت لاء سپورٽ ختم ڪرائڻ فيل ٿي ويو. بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تباھ ڪرڻ فيل ٿي ويو، نيوڪليئر کي تباھ ڪرڻ فيل ٿي ويو ۽ Regime Change ڪرڻ فيل ٿي ويو“ ھيرٽز اڳتي لکي ٿي: Strategically, the war in Iran was Mistake ھو لکن ٿا ”جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان ايران واري جنگ ھڪ غلطي ھئي“ ھاڻي ڏسو ڪيوبا جيڪو ھڪ ننڍڙو ملڪ آھي ۽ ٽرمپ جي آمريڪا جي دروازي تي واقع آھي. پر نظرياتي طور تي آمريڪا مخالف آھي گذريل پنجن يا ڇھن ڏھاڪن کان آمريڪي پاليسيز خلاف Resist ڪري پيو ۽ ھي روس جو حامي ملڪ آھي، ان ملڪ جا 2 سخت بيان سامھون آيا آھن. چوي ٿو ”گذريل ٽيھ سالن کان نيتن ياھو ۽ ان جا حامي ڪوڙ ڳالھائين پيا تہ ايران نيوڪليئر ھٿيار ٺاھي پيو. نيتن ياھو جو مقصد آمريڪا کي جنگ ۾ شامل ڪري ان قوم کي تباھ ڪرڻ آھي جيڪا ھزارين سال پراڻي آھي. ھنن جو (ايران جو) سڀ کان وڏو قصور اھو آھي تہ ھو فلسطيني رياست جي حمايت ڪن ٿا باقي ٻيا زباني سپورٽ ڪن ٿا. ايران انھن جي ڀرپور سپورٽ ڪري ٿو“ اھي اطلاع بہ اچي چڪا آھن تہ ھن جنگ ۾ سويلين جي حوالي سان ايران جڏھن تہ ملٽري جي لحاظ کان اسرائيل جو گھڻو نقصان ٿيو آھي. حالتون ٻڌائين ٿيون تہ ھيء جنگ وقتي طور تي روڪي ضرور وئي آھي پر ختم نہ ٿي آھي. ايران جي مدد جي لاء روس ۽ چين جا ڪارگو طيرا ايران پھچي رھيا آھن ۽ ايران خلاف آمريڪي، برطانوي، فرانسيسي ۽ ٻين ملڪن جا ڪارگو طيرا اسرائيل پھچي رھيا آھن. مطلب جنگ جون تياريون وڌيڪ تيز آھن. اسرائيل ۽ آمريڪا جي منافقانہ فطرت، طاقت جي نشي، فتني بازي ۽ ھٺ ڌرمي مان ظاھر آھي ٻيھر ڪنھن بہ مھل ايران تي حملو ٿي سگھي ٿي، سيڪنڊ فيز شايد وڌيڪ خطرناڪ ھجي ۽ آخري مرحلي تائين بہ وڃي سگھي ٿو. yousifbhutto119@gmail.com