English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ سنڌ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو احتجاج
254 views
|
22nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
فزيڪل، رٽن ۽ ٻين مرحلن ۾ ڪاميابي سان پاس ٿيڻ باوجود آفر آڊر نٿا ڏنا وڃن: اميدوار
نوشھرو فيروز(ڊ ر) سنڌ پوليس SPD-01 ۾ پاس ٿيل اميدوارن پاران پريس ڪلب نوشھرو فيروز اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويو، جتي مظاھرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ميرٽ تي آفر آڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو احتجاج جي اڳواڻي عتيق الرحمان وسطڙو، عدنان احمد، اسد رند، ارسلان پيرزاده، احسان شاهه، سھيل احمد، عدنان ملڪ، اويس پنھور، ساحل وسطڙو ۽ ٻين ڪئي.ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان فزيڪل، رٽن ۽ ٻين مرحلن ۾ ڪاميابي سان پاس ٿيا آهيون، ان باوجود اسان کي آفر آڊر نٿا ڏنا وڃن.انهن ٻڌايو ته ڪالھ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پرامن احتجاج دوران پوليس نوجوانن مٿان لاٺي چارج ڪري ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪيو، جيڪو سراسر زيادتي آهي مظاھرين وڌيڪ چيو ته اسان جي عمر به وڌي رهي آهي ۽ هاڻي اسان اور ايج ٿي رهيا آهيون، جنهن سبب اسان جي مستقبل سان کيڏيو پيو وڃي. هنن چيف منسٽر سنڌ، گھرو وزيرسنڌ ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ويٽنگ لسٽ ۾ موجود سڀني پاس ٿيل اميدوارن کي جلد آفر آڊر جاري ڪيا وڃن، جيئن نوجوانن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي. ٻي صورت ۾ مظاهرين پوري سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ ۽ احتجاجي ڪال ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
سنڌ پوليس
اميدوار
0 تبصرے