English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس جي شاگردن جو انتظامي ناانصافين خلاف احتجاج
views
|
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي شاگردن پاران انتظاميه جي مسلسل ناانصافين، بنيادي سهولتن جي اڻاويلي ۽ تدريسي نظام جي تباهي خلاف عمرڪوٽ پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري دوران شاگردن هٿن ۾ بينر کڻي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي راجا سوڻيکي، اياز مري، افضل ڪنڀر، رضا سومرو، علي اڪبر مهر، جگديش ڪمار، جئپال چوھاڻ ۽ ٻين شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيمپس ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي تائين موجود ناهي، عمارتون مڪمل طور تي زبون حالت ۾ آهن، بجلي جو نظام خراب آهي، تدريسي اسٽاف جي کوٽ سبب ٻين عملي کان پڙهائڻ جو ڪم ورتو پيو وڃي، پريڪٽيڪل ليبارٽريون غير فعال بڻيل آهن، جنهن ڪري تعليم جو معيار سخت متاثر ٿيو آهي، شاگردن وڌيڪَ چيو ته استادن ۽ ملازمن جون مهينن کان پگهارون بند آهن، جنهن سبب انهن ڪم جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ ڪيمپس جي ٽرانسپورٽ ۽ آفيسون مڪمل طور بند پيل آهن، جڏهن ته اسين شاگرد مهانگيون فيسون ڀري تعليم کان محروم آهيون، هنن الزام لڳايو ته پرو وائيس چانسلر پنهنجي من پسند ماڻهن ذريعي دانسته احتجاج ڪرايو ته جيئن شاگردن کي تنگ ڪيو وڃي، جڏهن ته شام جو ساڳئي اداري ۾ هلندڙ "ايڪسس پروگرام" جي شاگردن کي غير قانوني طور سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن پيون، جيڪو واضع طور تي ٻيھرائپ کي ظاهر ڪري ٿو، شاگردن چيو ته ٽنڊوڄام يونيورسٽي جي هدايتن جي باوجود ڪيمپس انتظاميه وقت تي فيس چالان جاري نه ڪيا، ۽ جڏهن جاري ڪيا ويا ته تدريسي عمل اڳ ۾ ئي بند هو، آخر ۾ شاگردن هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پرو وائيس چانسلر کان مطالبو ڪيو ته شاگردن جا مسئلا فوري طور حل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس
0 تبصرے