نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ محمد حسن شر ۾ طبي ڪيمپ قائم، 500 کان وڌيڪ مريضن جو مفت چڪ اپ ڪري دوائون ڏنيون ويون

نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ محمد حسن شر ۾ طبي ڪيمپ قائم، 500 کان وڌيڪ مريضن جو مفت چڪ اپ ڪري دوائون ڏنيون ويون

نوشهروفيروز(ڊر) سماجي اڳواڻ فداحسين ۽ غلام حسين جي تعاون سان سيد ثمر نقوي جي زير نگراني ڳوٺ محمد حسن شر ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويئي جنهن ۾ سينئر ڊاڪٽر محمد عمران راجپوت مختلف بيمارين ۾ ورتل 500 کان وڌيڪ مريضن جو مفت چڪ اپ ڪري دوائون ڏنيون ويون جڏهن ته سينئر سونالاجسٽ ڊاڪٽر حسن شاهه مردن توڙي عورتن جو مفت الٽراسائونڊ ڪيا۔ ان موقعي سماجي اڳواڻن سيد ثمر نقوي۔ اعجاز ممنائي۔ مولانا محمد ياسين ڪميلي۔محمد بلاول مغل ۽ ٻين چيو ته اڄ اهڙي علائقي ۾ ڪئمپ لڳائي آهي جتي ڪابه سرڪاري اسپتال موجود ناهي هن علائقي ۽ پسگردائي جي ڳوٺن ۾ گيسٽرو کنگھ بخار ۽ پيٽ ۽ چمڙيء جون بيماريون عام آهن ڇوته هن علائقي جي جر جو پاڻي پيئڻ جا قابل ناهي جنهنڪري ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن جنهن جي ستت واهر ۽ علاج جو انتظام ڪيو آهي ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم وٺي ۽ دوا کڻي علائقي واسين جي مدد ڪري رهيا آهيون۔ اڳواڻن چيو ته خدمت خلق عين عبادت آهي هن ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ٻارڙن مردن توڙي عورتن جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي۔هن ڪئمپ ۾ ڳوٺ جي والنٽيئر نوجوان دوستن ڪئمپ جا بهترين انتظام ڪيا آهن۔ ان موقعي ڊاڪٽرن چيو ته برساتن کانپوء صفائي سٿرائي نه هجڻ ڪري گيسٽرو مليريا چمڙي ۽ پيٽ جون بيماريون پکڙجي رهيون آهن جن تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.