English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ ايم ڊي اي جي اعلانيل رهائشي رٿا اڃا تائين نامڪمل
views
|
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
قومي شاهراهه ۽ گهگهر ويجهو 4000 ايڪڙ زمين تي ايم ڊي اي جي رٿا جو اعلان ڪيو ويو هو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور سال 1997ع ۾ غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن لاءِ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) جي هڪ وڏي رهائشي رٿا جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جي لاءِ قومي شاهراهه ۽ گهگهر جي ويجهو لڳ ڀڳ 4000 ايڪڙ زمين مقرر ڪئي وئي سال 2002ع ۾ هن رٿا تحت 8,000 ضرورت مند ماڻهن کي پلاٽ الاٽ ڪيا ويا، جن ۾ واڍيلا، ڪينجهر، سلاوٽ سميت مختلف سوسائٽيز شامل هيون.ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته رٿا جي الاٽيز گذريل 28 سالن ۾ نه رڳو پنهنجي پوري رقم ادا ڪري چڪا آهن، پر ڪيترن ئي قسطن ۾ 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ ادائيگيون به ڪيون آهن. ان جي باوجود، حڪومت جي تبديلي ۽ بيحسي سبب هي رهائشي رٿا اڄ تائين مڪمل آباد ٿيڻ کان محروم آهي ۽ زمين اڄ به غير آباد، غير ترقي يافته ۽ مافيا جي قبضي ۾ آهي.اربن روپين جي چوري، سرڪاري خاموشي تي ڏک ۽ حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي ان سلسلي ايم ڊي اي الاٽيز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ فقير عبدالقادر شر، شاهد عمراڻي ۽ ساجد خان ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته ايم ڊي اي جي انتظاميا، پوليس ۽ مقامي لينڊ مافيا سان ملي ڪري، رهائشي رٿا اندر ٺهيل نالن سيوريج ۽ برساتي نالن مان غيرقانوني طور تي اربين روپين جو لوهه ڪڍيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو اڃا تائين بنا رڪاوٽ جاري آهي هنن چيو ته 8 هزار الاٽيز مان ڪيترائي ماڻهو بنا گهر حاصل ڪرڻ جي اميدن کڻي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن جي پلاٽن تي جعلي ڪاعزن وسيلي قبضا ڪيا ويا آهن باقي ماڻهن مان رڳو 30 الاٽيز اڻپورا گهر ٺاهي رهن تي مجبور آهن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 120 گز جا پلاٽ الاٽيز 2 لک رپيا ۽ 400 گز وارا 4 لک رپيا ادا ڪري چڪا آهن، مجموعي رقم اربين رپين تي مشتمل آهي، پر ان جي بدلي ۾ کين ڪجهه به نه مليو.وفاقي حڪومت، نيب، عدليا ۽ حساس ادارن کان اپيل الاٽيز اڳواڻن پاران وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، نيب، اينٽي ڪرپشن، عدالتن ۽ حساس ادارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته:ايم ڊي اي جي هن رٿا ۾ ٿيل گهوٻين، بدانتظامي ۽ مالي چورين جي فوري طور تي جاچ ڪرائي وڃي.ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.۽ رهائشي رٿا کي فوري طور آباد ڪري، غريبن کي سندن حق واپس ڏنا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شهيد بينظير ڀٽو
ايڊووڪيٽ فقير عبدالقادر شر
0 تبصرے