English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي جنرل ڪائونسل جو رزاق چانڊيو جي صدرارت هيٺ اجلاس منعقد
views
|
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف جدوجھد تيز ڪرڻ جو اعلان
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ضلعي صدر رزاق چانڊيو جي صدرارت ۾ مڪلي لاشاري ھائوس تي ٿيو، اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ مجيد ساگر پرھياڙ شرڪت ڪئي. ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف جدوجھد تيز ڪرڻ جو اعلان. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 8 آگسٽ 2025 تي منجھند 3 وڳي گجو شھر ۾ ۽ 24 آگسٽ 2025 گھارو شھر ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن جي ڦرلٽ، ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، سموري ضلعي جي يونٽن ۾ تعليمي ۽ تربيتي ڪلاس ھلايا ويندا. اجلاس ۾ اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته منشيات کي سموري ضلعي ۾ عام ڪري نوجوانن نسل کي تباھ ڪيو پيو وڃي، ان ڪُڌي ڪاروبار ۾ ضلعي جا بااثر ماڻھون ملوث آھي، ٺٽي ضلعي اندر بدامني روز ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن مان چوريون، ڦُرون روز جو معمول بڻيل آھن، پوليس منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آھي، امن امان پاسي پوليس جي نظر ڪونھي، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان مطالبو ڪيو ويو ته منشيات ۽ بدامني جو فوري نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني ۽ ساحلي پٽي تي زمينن جي ولار ڪري مڪامي ماڻھن جي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ۽ سمنڊ جي چاڙھ سبب لکين ايڪڙ زمينون تباھ ٿي رھيون آھن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊيلٽا ۾ پنھنجي حصي جو پاڻي ڇڏي ساحلي پٽي جون زمينون بچايون وڃن. اجلاس ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ يونٽ دانڌاري جي جنرل سيڪريٽري شمشاد انڙ، عوامي تحريڪ ضلعي اڳواڻ رحمان چانگ جي بابا ۽ سنڌي مزدور تحريڪ ضلعي جي نائب صدر محمد خان سمون جي ڀاء جي وفات تي 2 منٽ جي خاموشيءَ ڪئي وئي. اجلاس ۾ شاھ محمد چانگ، رياض عباسي، گھنور خان زئور، خالق گندرو، بلاول لاشاري، ادريس پليجو، نور محمد ڪنڀر، غلام علي زئور، ايوب انڙ، انور پالاري، درياءَ خان زئور، حميد خشڪ، اسلم سمون، الله بخش بلوچ، ٺارو خان شيخ، امان الله بروھي، ماما ربڏنو نوحاڻي، دريا خان جت، فاضل بلاول لاشاري، معشوق انڙ، وزير سنڌي، محمد خان سمون، رحمان چانگ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي
ڪارپوريٽ فارمنگ
0 تبصرے