English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ناليواري دانشور، ليکڪ ۽ صحافي محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب "ڏيئي هيٺان اوندھ" جي مهورتي تقريب
88 views
|
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
محمد علي پٺاڻ جي ادبي شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي: زرار پيرزادو ، ڊاڪٽر شير مهراڻي، جاويد مهر ۽ ٻيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ ناليواري دانشور ليکڪ ۽ صحافي محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب "ڏيئي هيٺان اوندھ" جي مهورتي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي ،علم، ادب، صحافت ۽ سماج جي چونڊ شخصيتن جي شرڪت، زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش، محمد علي پٺاڻ ادب شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي هو نه رڳو ڪالم نويس، پر ڪهاڻي، شاعري، ناول، ڊرامي ۽ مضمون نويسيءَ جو سگهارو نالو آهي، جنهن سنڌي ادب کي نوان لاڙا ۽ تازه فڪري ڏيک ڏنا آهن صحافت تلوار ۽ ادب بارود آهي خطاب، تفصيل موجب نالي واري دانشور، سينئر ليکڪ ۽ محمد علي پٺاڻ جي نئين ڪتاب "ڏيئي هيٺان اوندھ" جي مهورتي جي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير جي بابا اڪبر بلوچ هال ۾ ٿي جنهن ۾ ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي حلقن سان واسطو رکندڙ معزز مهمانن محمد علي پٺاڻ، زرار پيرزادو ، ڊاڪٽر شير مهراڻي، جاويد مهر، سيد خدادنو شاھ ، اصغر باغي، عني ڪاندڙو، جمشيد زهراڻي ، آغا شير گل سرڪي، لوڪ راڳي عبدالخالق ڀٽي، قومي ۽ رومانوي شاعر عفور شاھ تقوي فرحان لاڙڪ، ضيا ابڙو، غلام نبي مگسي ،عرفان عباسي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي صدارت محمد علي پٺاڻ ڪئي ان موقعي تي ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊيندي مقررن محمد علي پٺاڻ جي فڪري پختگي، ادبي ۽ صحافتي سچائيءَ تي روشني وجهندي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي هنن چيو ته محمد علي پٺاڻ تي لکڻ، ڄڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي هو نه رڳو ڪالم نويس، پر ڪهاڻي، شاعري، ناول، ڊرامي ۽ مضمون نويسيءَ جو سگهارو نالو آهي جنهن سنڌي ادب کي نوان لاڙا ۽ تازه فڪري ڏيک ڏنا آهن نئون ڪتاب "ڏيئي هيٺان اوندھ" مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل 21 چونڊ ڪالمن تي ٻڌل آهي جن مان هر ڪالم پنهنجي اندر سماجي شعور فڪري وابستگي ۽ اڻ کٽ مشاهدي جو عڪس رکي ٿو هنن وڌيڪ چيو ته محمد علي پٺاڻ مسلسل لکي رهيو آهي هي سندس 36 هين ڪتاب آهي جيڪا رڳو ڪالمن جو مجموعو نه پر هڪ دور، هڪ سوچ، ۽ هڪ سماجي اظهار جو جاکوڙي سفر آهي جيڪو محمد علي پٺاڻ جي فڪري جنم ڀوميءَ مان نڪتل آهي صحافت تلوار ۽ ادب بارود هنن چيو ته عوامي پريس ڪلب ادبي ميڙاڪا ڪوٺائي اديبن ،ليکڪن، سياسي سماجي ڪارڪنن کي پاڻ ۾ جوڙي ڇڏيو آهي جيڪو اعزاز هن صحافتي اداري ڏانهن وڃي ٿو تقريب ۾ عوامي پريس ڪلب ملير طرفان سڀني مهمانن کي گلن ۽ سنڌ جي سڃاڻپ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا جڏهن ته لطيف سائين جي وائي ۽ قومي گيتن سان محفل ۾ قومي جذبي جو رنگ ڀرجي ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
صحافي محمد علي پٺاڻ
ڏيئي هيٺان اوندھ
0 تبصرے