English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو پاران کلي ڪچھري منعقد
views
|
31st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جيڪو بہ متاثر شخص آھي اھو پنھنجي شڪايت نوٽ ڪرائي ان جو تدارڪ ٿيندو: ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ذوالفقار علي جوڻيجو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صوبائي محتسب اعلي سنڌ محمد سھيل راجپوت جي ھدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو پاران ضلعي ڪائونسل ھال عمرڪوٽ ۾ ھڪ کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي کلي ڪچھري ۾ ضلعي ڪائونسل چئرمين عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، رجسٽرار صوبائي محتسب ميرپورخاص سجاد سمورو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، سي ايم او ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ امتياز هاليپوٽو، ايڪسي اين ايجوڪيشن ورڪس وشال مھيشوري، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، مختلف سرڪاري کاتن زراعت، اڪائونٽ، ميونسپل، تعليم ، لائيو اسٽاڪ، ٻيلو کاتو، سوشل ويلفيئر، لوڪل گورنمينٽ سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي صحافين پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي عوام پاران کلي ڪچھري ۾ پنھنجا مسئلا توڙي شڪايتون پيش ڪيون ويون، جنھن ۾ روڊس کاتي، ميونسپل، پبلڪ ھيلٿ توڙي ٻين کاتن جي خلاف شڪايتون ٻڌايون ويون جنھن دوران موقعي تي ئي ان شڪايتن جو تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعلي ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو پاران لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون، ان موقعي ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعلي ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي چيو تہ جيڪو بہ متاثر شخص آھي اھو پنھنجي شڪايت نوٽ ڪرائي ان جو تدارڪ ٿيندو، اسان چاھيون ٿا تہ ماڻھن جا جائز مسئلا موقعي تي ئي حل ڪريون تنھنڪري اسين ھر ضلعي ۾ کليون ڪچهريون ڪري رھيا آھيون، ان موقعي تي ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت جي کاتن جي خلاف ڪا بہ شڪايت ھجي تہ اوھان لکت ۾ اماڻي سگھو ٿا، ان موقعي تي عوام پاران لڳ ڀڳ 7 شڪايتون نوٽ ڪرايون ويون، جڏھن تہ کلي ڪچھري جي آخر ۾ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعلي ميرپورخاص پاران سب جيل عمرڪوٽ ۽ روينيو جي عوامي سھولت گھر جو پڻ دؤر ڪيو ويو، ان موقعي تي ھن سب جيل عمرڪوٽ ۾ قيدين کان مسئلن بابت معلومات ورتي، جنھن ۾ پيئڻ جو پاڻي، کاڌ خوراڪ توڙي صفائي سٿرائي بابت پڻ پڇاڻو ڪيو، ان موقعي تي مختيارڪار عمرڪوٽ و سب جيل سپرينٽينڊنٽ اظھر چاچڙ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ اسان وٽ ھن وقت ڪل 43 قيدي آھن ۽ انتظام جي حوالي سان ڪا بہ شڪايت ناھي، ان موقعي تي ھن روينيو کاتي جي عوامي سھولت گھر ۾ عوام سان روينيو رڪارڊ جي وصولي بابت پڻ معلومات ورتي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ميرپورخاص
ذوالفقار علي جوڻيجو
0 تبصرے