English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر فرزانه ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
views
|
05th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ يوم استحصال ڪشمير جي ڏھاڙي تي ڪشميرين سان يڪجهتي طور اسٽنٽ ڪمشنر فرزانہ ميراڻي،اسسٽنٽ مختيارڪار ڏوڪري قاضي امجد بشير، سپروائزر روينيو گل حسن جوڻيجو،حيدر بخش جتوئي ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر نثار احمد سولنگي سائين عبدالغفور زهراڻي،غلام مصطفيٰ کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪول کان ڏوڪريءَ کان ڏوڪري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.ريلي ۾ شاگردن استادن توڙي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.انهي موقعي تي ھنن خطاب ڪندي چيو ته 5 آگسٽ اھڙي ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جنهن ڏينهن والاريل ڪشمير جي مظلوم ماڻهن لاءِ نئين اذيت،نئين زخم ۽ نئين جدوجهد جي شروعات ٿي،اڄوڪي ڏينهن تي ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ A35 کي ختم ڪري والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي. هنن چيو ته ان ڏينهن کان ڪشمير جا معصوم ٻار، عورتون، جوان ۽ بزرگ آزادي جي اميد سان زندگي گذاري رهيا آهن. انهن جون نظرون اڄ به دنيا جي ضمير، خاص ڪري پاڪستاني عوام تي کتل آهن. ھنن چيو ته اسان ڪشميرين کي اڪيلو نہ ڇڏينداسون، پاڪستاني عوام سدائين انهن جي حق خوداراديت جي حمايت ڪندو رهندو. ريلي ۾ فياض ڀان،عمران ميمڻ پڻ شريڪ ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
اسسٽنٽ ڪمشنر فرزانه ميراڻي
0 تبصرے